جيڪب آباد: بازار ۾ گندو پاڻي بيهجي ويو، شهري ۽ دڪاندار پريشان

جيڪب آباد جي شاھ ڀٽائي بازار ۾ نالين جو گندو پاڻي روڊ تي بيهجي وڃڻ سبب شهري ۽ دڪاندار پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳا.

نالين جي گندو  پاڻي بيهجي وڃڻ سبب دڪاندارن جو ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي جڏهن ته انتظاميا پاران پاڻي نيڪال نه پيو ڪرايو وڃي.

دڪاندارن اسلم بروهي، شاهد پيچوهو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته پاڻي بيهجي وڃڻ سبب شهري توڙي دڪاندار  سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن جڏهن ته ڪاروبار پڻ متاثر ٿي رهيو آهي،انتظاميا کان مطالبو آهي ته  صفائي ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.