قمبر لڳ موٽر سائيڪلن سلپ، ، پيرسن ۽ پٽ زخمي. لاڙڪاڻي منتقل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) قمبر ويجهو تيز رفتار موٽرسائيڪل سامهون ايندڙ ڪتي کي بچائيندي سلپ ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ قمبر تعلقي جي ڳوٺ آچا واسي يوسي جو پيرسن ملازم عزيز الله ۽ سندس پٽ آصف علي آچو  سخت زخمي ٿي پيا جن کي آسپاس جي ماڻهن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي پيرسن ملازم جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ان موقعي تي زخمي جي ڀاڻيجي حبيب الله آچو ٻڌايو ته منهنجو مامو عزيز الله آچو يونين ڪائونسل جو پٽيوالو آهي جيڪو پنهنجي پٽ آصف علي سان گڏجي ڊيوٽي بعد ڳوٺ وڃي رهيو هو ته قمبر ڀرسان تيز رفتاريءَ سبب سندن موٽرسائيڪل اڳيان ڪتو اچڻ جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سلپ ٿي وئي جنهن ڪري هو زخمي ٿيا آهن. هوڏانهن آخري اطلاعن تائين زخمين جو علاج پڻ هلندڙ هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.