ٻن نوجوان جا قاتل گرفتار ڪريو، رتوديرو ۾ احتجاج

رتوديرو  ( ن ع آ ) رتيديري ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ سومر واهڻ ۾ مرکياڻي چنه تڪرار ۾ ٻن نوجوانن منصور ۽ دلشير چنو جي قتل ۾ ملوث مک جوابدارن غلام عباس مرکياڻي، سميع مرکياڻي ، رابيل مرکياڻي ۽ فتاح مرکياڻي جي گرفتاري نه ٿيڻ خلاف مقتولن جي وارثن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي مقتولن جي وارثن مير احمد ، غلام مرتضيٰ ، عبدالجبار ، خالد ، امام الدين ، غلام محمد ، نظام الدين ۽ گل محمد چنه دانهيندي چيو ته  هڪ مهينو اڳ غلام عباس مرکياڻي جي هٿيار بندن اسان جي گهرن تي حملو ڪري جديد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن ۾ اسان جا ٻه نوجوان منصور ۽ دلشير مارجي ويا هئا ۽ چار ڄڻا زخمي ٿيا هئا،جنهن ۾ هڪ عورت ريشما خاتون ، غلام محمد ، دين محمد ۽ اسرار چنو سخت زخمي ٿيا پيا ، جنهن جو ڪيس اسان رتيديري ٿاڻي تي داخل ڪرايو پر هڪ مهينو گذري وڃڻ باوجود به پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو.جڏهن ته جوابدار کلي عام گهمي رهيا آهن ۽ اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.