ڀان پوليس پاران نينگر سان زيادتي ڪندڙ جوابدارن تي انعام

ڀان سيدآباد ( ن ع آ ڀان سيدآباد شهر جي شيدي پاڙي ۾ ڪجهه وقت اڳ ۾ 8 ورهين جي معصوم نينگر علي رضا پٽ رفيق ميمڻ سان جنسي زيادتي ڪندڙ جوابدارن جي ڳولا لاء پوليس انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڀان سيدآباد پوليس جوابدارن جي ڳولا لاء هڪ لک روپيا انعام رکي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او ڀان سيدآباد قربان قمبراڻي پريس ڪلب ڀان سيدآباد پهچي صحافين اڳيان اعلان ڪندي چيو تہ جيڪو بہ جوابدارن جا نالا ٻڌائيندو ان کي هڪ لک روپيا انعام ڏنو ويندو، جوابدارن جا نالا ٻڌائيندڙ شخص جو نالو راز ۾ رکيو ويندو، هن چيو تہ وحشي جوابدارن جا نالا ٻڌائڻ لاء اي ايس پي سيوهڻ سعد ارشد 03312614777 ۽ ايس ايڇ او ڀان قربان قمبراڻي سان هن نمبر 03009048593 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. پوليس عوام کي اپيل ڪئي آهي تہ معصوم نينگر سان جنسي زيادتي ڪندڙن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.