ڀرياسٽي احساس ڪفالت سينٽر تي سهولتن جي کوٽ، 2 عورتون بيهوش

ڀرياسٽي (  ن ع آ   )ڀرياسٽي احساس ڪفالت رجسٽريشن سينٽر تي سوين عورتن جي روز مره رش هجڻ باوجود عورتن جي لاءِ نه پاڻي جو بندوبست نه ويهڻ جو بندوبست آهي ٻن ڪائونٽرن تي سوين عورتون بيهي وڌيڪ بيمار ٿي وڃن ٿيون، احساس سينٽر جو انچارج علي عظمت سومرو، ذوالقرنين ۽ ٻيا عورتن کي ڌڪا ٿا ڏين ٿا، بغير شيڊول جي سفارشي ڪم هلي رهيو آهي،  رجسٽريشن احساس سينٽر ڪائونٽر وڌائي عورتن کي سهولتون ڏئي پريشاني کان بچايووڃي، سڃاڻ ڌريون ڀرياسٽي رجسٽريشن احساس سينٽر تي مستحق عورتن جي پيهه سوين عورتون لائين ۾ بيهڻ سبب ٻه عورتون مسمات رچڻ ۽ صاحبزادي بيهوش ٿي ويون، بيهوش عورتن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، احساس رجسٽريشن آفيس آڏو ٻهراڙي جون غريب مسڪين پيرسن عورتون ٻه ٻه ڏينهن چڪر لڳائڻ جي باوجود رجسٽريشن جي عمل کان رهجي وڃن ٿيون، ان سلسلي ۾ احساس ڪفالت رجسٽريشن سينٽر تي موجود عورتن مسمات ڪريمت، مسمات سبحان خاتون ۽ پيرسن مسمات حاجران ڏهيو ٻڌايو ته رجسٽريشن احساس سينٽر انچارج علي عظمت سومرو پنهنجي گارڊ ۽ ٻئي عملي  سان ملي ڀڳت ڪري ڳجهه ڳوهه ۾  رشوت وٺي سفارشي عورتن جي رجسٽريشن ڪري رھيا آهن، ايجنٽ مقرر ڪري ڳري رشوت عيوض رجسٽريشن ڪئي وڃي ٿي، وزير اعظم نوٽيس وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.