سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڊگهڙي ۾حددخليون خلاف آپريشن

ڊگھڙي (ن ع آ ) اسسٽنٽ ڪمشنر ڊگهڙي جهامنداس هيراڻي جي سربراهي ۾ پاڪستان ريلوي جي ٽيم سان گڏ ڊگهڙي شھر ۾ ريلوي لائن تان حددخليون هٽائڻ لاء ڪوٽ غلام محمد روڊ تان آپريشن شروع ڪيو ويو آپريشن دوران ڇپرا،دڪا،ڪيبنون هٽايون ويون جڏهن ته پڪيون عمارتون نه ڊاٺيون ويون انجمن تاجران ڊگهڙي جي صدر احمد علي ميمڻ جو چوڻ هو ته ريلوي انتظاميا جي ٽيم من پسند ماڻھن کي رعايتون ڏئي رهي آهي ۽ سادن ڪپڙن ۾ اڻڄاتل ماڻھن جي هٿن ۾ ڪهاڙيون،ڪوڏرون،بيلچا،رنبا ۽ ٻيا لوهي اوزا ڏئي ڇپرا ڊاهي رهيا آهن جيڪو عمل افسوس جوڳو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.