جمڙائو ڪئنال ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن کيما کوڙي ڇڏيا، نبي سر موڙ وٽ ڌرڻو

جهڏو (رپورٽ: اسحاق ساگر) جهڏو ۾جمڙائو ڪئنال جي بگي مائينر ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن طرفان مين مٺي ميرپورخاص روڊ تي تنبو کوڙي نبي سر موڙ وٽ احتجاجي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، آبادگار اڳواڻن اياز کوسو، جليل انڙ، ساماڻو خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لڳل ڌرڻي ۾ آبادگار توڙي هاري وڏي انگ ۾ موجود ايريگيشن عملدارن خلاف سخت نعريبازي، آبادگارن جو چوڻ آهي ته جمڙائو ڪئنال جي بگي مائنر ۾ آبپاشي سب ڊويزن ڪوٽ غلام محمد جو ايس ڊي او غير قانوني وارا بندي ڪري پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب ڪڻڪ، توريو، ۽ ٻين فصلن جي پوکي نه ڪري سگهيا آهيون. هنن جو چوڻ آهي ته آبپاشي ڪوٽ غلام محمد جو ايس ڊي او مسلسل پندرهن سالن کان اسان تي مسلط ڪيو ويو آهي جيڪو منڊ جي زميندارن کي اسان جي حصي جو پاڻي وڪرو ڪري اسان سان ظلم ڪري رهيو آهي پاڻي نه اچڻ سبب اسان معاشي طور ڪنگال ٿي ويا آهيون هنن بگي مائنر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ ايس ڊي او ڪوٽ غلام محمد کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي هنن جو چوڻ آهي ته مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو جاري رهندو، هوڏانهن ڌرڻي سبب مين روڊ بلاڪ آهي ۽ ٿرپارڪر کان ميرپورخاص حيدرآباد ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور بند ٿي وئي آهي جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳل آهن جنهن سبب مسافر توڙي ٽرانسپورٽر سخت پريشان آهن.

  • ڪلوئي ۾آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

ڪلوئي (ن ع آ ) ڪلوئي جي رڻ شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي جڏهن ته آبادگارن جي دانهن ڪوڪن کان پوءِ اڄ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال جاويد حڪيم ميمڻ انجنيئر مٺڙائو غلام عباس پنهنوار سبب ڊويزن نئون ڪوٽ شاڪر حبيب ميمڻ رڻ شاخ جي ٽيل تي پهتا جتي رڻ شاخ ٽيل ايسوسيئيشن صدر محمد عثمان هالو مولوي محمد رمضان لنڊ عبدالرزاق درس بابو جان لنڊ سليمان لاکو عبدلرشيد نهڙيو رياض درس وڏيرو نواز مٺو خاصخيلي وڏيرو غني وهنداڻي سميت سوين آبادگار موجود هيا انهي موقعي تي رڻ شاخ جي آبادگارن چيو ته رڻ شاخ جو پاڻي وڪرو ٿيو وڃي اسان کي هر واري مڪمل گيج نه پيو ملي جنهن ڪري اسان تباهه برباد ٿي ويا آهيون انهي موقعي تي رڻ شاخ جي آبادگارن چيو ته مٿي رڻ شاخ جا سمورا واٽر ڪورس ٽٽي ويا آهن انهي موقعي تي رڻ شاخ جي آبادگار شڪايتون ڪيون .انهي موقعي تي ڊائريڪٽر نارا ڪئنال جاويد حڪيم رڻ شاخ جي آبادگارن کي يقين ڏياريندي چيو ته منهنجو اڄ پهريون چڪر هن شاخ جو آهي ڪنهن سان به ناانصافي نه ٿيندي سڀني کي پنهنجي حصي جو پاڻي ملندو آئون آبپاشي عملي کي هدايتون ٿو ڏيان ته جي اگر سبب ڊويزن ۾ واٽر ٽٽل آهن ته فوري طور جوڙي پوڇڙي جي ٽيلن ۾ پاڻي پهچايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ ڪوتاهي ڪندڙ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

  • ڪمند اگهه خلاف پاسما جو عدالت وڃڻ دشمني آهي: آبادگار

ڊگھڙي(ن ع آ) پاسما آبادگار دشمن تنظيم آهي،سنڌحڪومت طرفان مقرر ڪيل ڪمند جي اگهھ خلاف ڪورٽ وڃڻ آبادگارن سان ظلم آهي اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ آبادگار اتحاد ضلع ميرپورخاص جي صدر سيف الله گل،تعلقه صدر ڪاشف اڪبر جوڻيجو،ممتاز موسيپوٽو،سونهارو نوحاڻي ۽ ٻين ڊگهڙي ۾ آبادگارن جي ڪوٺايل گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو هنن چيو ته سنڌ جي زراعت جيڪا پاڻي جي کوٽ،جنسن جا مناسب اگهھ نه ملڻ ڪري تباهي ڪناري پهتل آهي،آبادگار ڏينهن رات هڪ ڪري اکين جو نور نچوئي پورو سال پنهنجو سمورو پئسو ٻچن جي روزي لاء ڪمند جي فصل تي لڳائي ٿو پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته سنڌحڪومت طرفان ڪمند جو اگھ 250روپيا مقرر ڪرڻ باوجود آبادگار دشمن شگر مل مافيا جي تنظيم پاسما هاءڪورٽ ۾ وڃي 250روپيا اگھ خلاف اسٽي ورتو آهي ته جيئن پنهنجي مرضي سان گذريل سال واري اگھ تي ڪمند خريد ڪري آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان ڦري لٽي تباھ ۽ برباد ڪري سگهي. هنن چيو ته هٿ وٺي ڪري پاسما هڪ دفعو ٻيهر سال 2018-2019 واري صورتحال پيدا ڪرڻ چاهي ٿي هنن چيو ته پاسما جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ٿا ڪريون ته آبادگارن کي مناسب اگهه ڏئي سنڌ جي زراعت کي تباھي کان بچايو وڃي.

  • نوان جتوئي لڳ شاخ کي 10 فوٽ گهارو ، فصل پاڻي هيٺ، آبادگار پريشان

نوان جتوئي  ( رپورٽ: علي نواز عالماڻي ) ايريگيشن عملدارن مورو جي نا اھلي سبب درس شاخ کي پڇڙيءَ کان اوچتو 10 فوٽ گھارو پئجي ويو گھاري پوڻ جو اطلاع بروقت آبادگارن ايريگيشن جي عملدارن کي ڏنو مگر انھن ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي درس شاخ کي گھارو پوڻ سبب آبادگارن جو تقريبن 40 ايڪڙن کان مٿي ڪاھيل ڪڻڪ ۽ گاھ جي فصلن کي تمام گھڻو نقصان پھتو آھي آبادگارن محمد خان ابڙو لقمان ابڙو ۽ ٻين  صحافين کي ٻڌايو ته درس شاخ کي گھارو پوڻ سبب اسان جو تمام گھڻو نقصان ٿيو آھي اسان مھانگي اگھه تي ٻج ۽ ڪلر وٺي ڪڻڪ ۽ گاھ جي  پوکي ڪئي  جيڪا سڄي تباھ ٿي وئي آھي مگر ھن مھل تائين ايريگيشن جا عملدار لڙي نه آيا آھن اسان پنھنجي مدد پاڻ مشڪل سان گھارو ٻڌو آھيآبادگارن وڌيڪ چيو ته ايريگيشن جي عملدارن شاخ جي ڪپرن تان مٽي وڪرو ڪري ڇڏي آھي، جنھن ڪري شاخ جا ڪپر تمام ڪمزور ٿي ويا آھن ۽ شاخ کي گھارا پوندا رھن ٿا آبادگارن ايريگيشن جي صوبائي وزير کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان جي ٿيل نقصان جو معاوضو ڀري ڏنو وڃي ۽ درس شاخ تي مقرر نا اھل ايريگيشن عملدارن خلاف سخت کان سخت قانوني ڪارائي ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ اسان ڪورٽ سڳورئ جو دروازو کڙڪائينداسين.

  • منڇر ۾پاڻي جي ليول وڌڻ سبب زمينون پاڻي ھيٺ، آبادگارن جو ڌرڻو

سيوھڻ(ن ع آ) سيوھڻ جي يوسي جھانگارا ۽ باجارا جي 10 ديھن جا آبادگارن سيوھڻ جي اڙل ٽيل وٽ پھچي منڇر ڍنڍ جي پاڻي جي ليول وڌڻسبب زمينون پاڻي ھيٺ اچڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري آبپاشي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي آبادگارن سيد محمد زاھد شاھ, سيد ارشاد علي شاھ, سيد شمن شاھ, آفتاب ترڪ, ياسين رودناڻي, ايوب ڀرڳڙي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي ٻڌايو ته آبپاشي کاتي پاران منڇر ڍنڍ جي پاڻي جي ليول وڌائي 113 آر ايل تي پھچائڻ ڪري تعلقي سيوھڻ جي ٻن يوسين جھانگارا ۽ باجارا جي 10 کان وڌيڪ ديھن ديھ ٺيڙھي, جاگير, ريعتي اڪري, اڪري جاگير, راھيچا, ڪڇي, باجارا, پير حسڻ, جھانگارا, ديھ ٻلھڻ سميت ٻين ديھن جي زرعي زمينون منڇر جي پاڻي ھيٺ اچي ويون آهن ۽ زمينن ۾ ڪڻڪ جو پوکيل ٻيجو تباه ٿيان سان گڏ وڌيڪ پوکي نه ٿيڻ ڪري اسان فاڪا ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون.ھنن چيو ته آبپاشي عملدارن منڇر جي پاڻي ۾ ٽي ڊي ايس جو مقدار وڌڻ جو جواز ڄاڻائي اڙل واھ ٽيل جا دروازا بند ڪري منڇر جي پاڻي جو درياه ۾ ڇوڙ بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري اسان جي زرعي زمينن ۾ پوکيل فصل ۽ ان ۾ وڌل مھانگو ڀاڻ پاڻي ھيٺ اچڻ ڪري زميندارن ۽ ھارين کي لکين روپين جو نقصان رسايو ويو آھي. متاثرين آبادگارن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه ۽ آبپاشي کاتي جي وزير کان مطالبو ڪيو ته منڇر پاڻي درياه ۾ ڇوڙ ڪري ۽ منڇر جي ليول 10 فٽ تائين آندي وڃي ته جيئن فصل جي پوکائي ٿي سگھي ۽ ھو وڌيڪ نقصان کان بچي سگھن. ٻي صورت ۾ احتجاج دائرو وسيع ڪيو ويندو.

  • ٿر ۾ فصلن جا اگھه مقرر نه ٿيا، اسلام ڪوٽ ۾ احتجاج

اسلام ڪوٽ (ت ر) ٿرپارڪر ضلعي ۾ ٿري فصلن جا سرڪاري سطع تي اگھ مقرر نه ٿيڻ ۽ سينٽر نه کلڻ سبب هاري ڀُڳڙن مُٺ عيوض اناج وڪڻڻ تي مجبور ٿي ويا آهن،ٿرين جي هاءِ گهوڙا بعد ڊي سي پاران ڪوٺايل گڏجاڻي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي شهرين سان گڏجاڻيون ڪرڻ وارو واعدو ڪري خاموش ٿي ويو آهي،پر انتظامي سطع تي هارين کي ڪو به فائدو ناهي ٿي سگهيو،اُنهي سلسلي ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ٿري فصلن جا اگھ مقرر نه ٿيڻ ۽ اناج ڀڳڙن مُٺ عيوض خريد ڪرڻ خلاف گذريل ڏينهن ڏامرو مل ميگهواڙ،ديال ميگهواڙ،اشرف سمون،نرمل داس ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ويئي،جتي ڳالهائيندي ڏامرومل ميگهواڙ ۽ ديال داس چيو ته ٿري هارين سان وڏي ناانصافي ۽ ناجائزي ٿي رهي آهي،برسات وقت غريب هارين کي مهانگي ريٽ تي اناج ڏيئي اناج لهڻ وقت اڌو اڌ ريٽ ڪيرايا ٿا وڃن،هتان جي غريب مسڪين ماڻهن جو سمورو گذرسفر برساتن بعد ٻنين مان لهندڙ فصلن تي هجي ٿواسان مطالبو ڪيون ٿا ته ٿر ۾ ٿري جنسن جا سرڪاري اگھ مُقرر ڪري سرڪاري سطع تي سينٽر کولي اناج خريد ڪيو وڃي،اسان سنڌ هاري ڪميٽي طرفان ٿري هارين سان ٿيندڙ زيادتين خلاف سموري ضلعي ۾ احتجاج جو سڏ ڏيون ٿا،سڀني شهرن ۾ احتجاج ڪيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.