پيرڳوٺ ويجهو قتل ٿيل ڳوٺاڻو مٽي ماءٌ حوالي، ڪيس داخل نه ٿيو

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرڳوٺ لڳ فيض محمد بنڊو واري علائقي ۾ اوڍا، ناريجا ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان اوڍا برادري برادريجي هٿياربندن هٿان  مارجي ويل ناريجا برادري جي پ پ اڳواڻ چڱي مڙس  محمد عثمان ناريجو جي ڳوٺ حاجي مهرل ناريجو ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ناريجا برادري جي ماڻهن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي بعد ۾ کيس هٿيارن جي سخت پهري هيٺ اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته زخمي ٿيل و قارناريجو جي حالت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي.   ٻئي طرف  واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ ڌرين جا ماڻهو مورچابند ٿيل آهن. جڏهن ته علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاء واري صورتحال برقرار آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اوڍا، ناريجا ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ ۾ ناريجا برادري برادري جو چڱو قتل ٿي ويو هو ۽ سندس ڀائٽيو زخمي ٿي پيا هئا. مقتول پ پ اڳواڻ محمد عثمان ناريجو جي وارثن پ پ اڳواڻ  اسد اسدالله ناريجو ۔محمد شريف ۔جان  محمد ناريجوصحافين صحافين کي ٻڌايو ته پوليس اوڍا برادري جي ونگار وهندي هن وقت وقت تائين  اسان جو ڪيس داخل داخل نه ڪيو آهي  ۔خيرپور پوليس ڊي آء جي جاويد جاويدعالم اوڍو جي چوڻ تي اسان اسانجي معززين کي به ڏوهاري ڪرار ڏيئي رهي آهي جيڪو سراسر ظلم آهي پوليس ونگاري بڻجي ناريجا برادري جي شاگردن  استادن۔عالمن۔توڙي چڱن مڙسن تي ڪيس داخل داخل ڪري ڏوهي ڪرار ڏيئي ۔ڪاروايون ڪيون وڃن ٿيون هنن سپريم سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان کان انصاف جي اپيل اپيل ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.