ڳڙهي ياسين جي سماجي اڳواڻ بهرام خان رند جي ڀاڄائي لاڏاڻو ڪري وئي

ڳڙهي ياسين (ن ع آ  )  ڳڙهي ياسين ڀرسان ڳوٺ ڊپٽي بنگلو جو رهواسي سماجي اڳواڻ بهرام خان رند جي ڀاڃائي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي ، مرحومه جي جنازي نماز ۾ سياسي ، سماجي ، ڳوٺاڻن ۽ رند برادري جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي ، مرحومه جو مڙهه ابائي قبرستان ۾ مٽئ ماءُ حوالي ڪيو ويو ، مرحومه جو تڏو ابائي ڳوٺ ڊپٽي بنگلو ۾ وڇايو ويو جتي سندس پوئرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي .

  •  دودو ڀيل  ٺاهه جي  معاملي تي صدمو  رسيو آهي : ڀيمراج منجياڻي

مٺي ( ڊ ر )دودي واري ڪيس بعد ڌرڻي دوران دهشتگردي واري ڪيس کي مُنهن ڏيندڙ گوڙاڻي ڊيم تحريڪ جي اڳواڻ ڀيمراج منجياڻي ٺاھ واري معاملي کي جدوجهد لاءِ وڏو نقصانڪار قرار ڏيندي چيو آهي ته دودي ڀيل جي قتل ڪيس ۾ ٺاھ تي صدمو رسيو آهي،هن ۾ دودي جي وارثن جو ڪو به قصور ناهي،جن به دلالي جو ڪردار ادا ڪري ٿر جو ڪيس ٻوڙهيو آهي تاريخ اُنهن کي ڪنهن به ريت معاف نه ڪندي،دودي ڪيس لاءِ آواز اُٿارڻ جي ڏوھ جو مون مٿي به دهشتگردي جو ڪيس داخل ٿيو،عدالت ڪيس ڪوڙو ڪري بري ڪيو،هن چيو ته دودي ڀيل واري ڪيس جي ٺاھ تي سول سوسائيٽي جي خاموشي وڏو سوال اُٿاري رهي آهي،جهڙي طريقي سان هي ڪيس ختم ٿيو آهي اهڙي طريقي سول سوسائيٽي ڪا به مزاحمت ناهي ڪئي،دودي ڀيل واري ڪيس ۾ پهرين ڏينهن کان سنڌ حڪومت ۽ بعد ۾ وفاقي حڪومت دلالي جو ڪردار ادا ڪيو آهي،ڪيس تي سياست ڪئي ويئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.