ملير ۾ثقافتي تقريب، سنڌ هزارين سال قديم ڌرتي آهي: مقرر

ملير (ڊ ر) تعليم کاتي ملير پاران گورنمينٽ هاءِ اسڪول سچل سرمست پپري ۾ ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ملير گهنور علي لغاري، ايس ايس پي ملير عرفان بهادر، ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سراج احمد ميمڻ، وڏي وزير جي خاص مددگار سلمان عبدالله مراد، ضلع ڪائونسل ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر نور حسن جوکيو، پيپلز پارٽي ملير جي انفارميشن سيڪريٽري مير عباس ٽالپر، ملير پريس ڪلب جي صدر مرتضيٰ چانڊيو، پ پ اڳواڻ نذير احمد ڀٽو، پيپلز پارٽي پي ايس 87 ملير جي صدر امداد جوکيو سميت سياسي سماجي اڳواڻن، تعليم کاتي جي آفيسرن، استادن ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ناليواري فنڪار طفيل سنجراڻي، گلشير چانڊيو ۽ ٻين قومي گيت ڳائي محفل ۾ موجود ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، جڏهن ته اسڪول جي ٻارڙن ثقافتي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا، ڊپٽي ڪمشنر ملير گهنور علي لغاري پاران بهترين ٽيبلوز پيش ڪندڙ ٻارن کي روڪ رقم انعام طور ڏنا،ان موقعي تي ثقافتي تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر ملير گهنور علي لغاري چيو ته  سنڌي ميڊيا پاران ثقافتي ڏهاڙو ملهائي سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪيو آهي، هن چيو ته سنڌ جي ثقافت هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ قديم ثقافت آهي، سنڌ صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي آهي جتي اڄ به امن پيار، محبت ۽ ڀائيچارگي جو درس ملي ٿو، هن چيو ته انسان لاءِ تعليم انتهائي ضروري آهي تعليم کانسواءِ ڪجهه به ناهي، تقريب کي اسڪول جي هيڊ ماستر عبدالحميد ميمڻ، سينئر استاد ظهير ميمڻ، پ پ اڳواڻ امداد جوکيو، آغا شير افضل ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

  •  ٿاڻي بولا خان ويجهو ادبي ڪچهري، فنڪارن پاران سرن جي ورکا

ٿاڻوبولاخان (ن ع آ ) سنڌي ادبي سنگت ڪوهستان ايٽ ٿاڻوبولاخان جي سيڪريٽري مسڪين مانجهو خاصخيلي جي رهائش گاھ تي ڪوهستاني  ادبي ڪچھري ٿي گذري جنهن ۾ ھتان جي شاعرن سگهڙن اديبن سماجي اڳواڻن فنڪارن شرڪت ڪئي هتان جي نالي واري راڳي بابو گيهي مل مختلف ڪلام پيش ڪري تمام گهڻو داد حاصل ڪيو هتان جي شاعرن مسڪين مانجهو خاصخيلي سرور خاصخيلي خان سرائي جاويد اقبال جوهري پنهنجي نڪور شاعري پيش ڪري واه واه ڪرائي ڇڏي ان موقعي تي ڊاڪٽر پريم چند مالهي ڊاڪٽر شيراز قاضي عبدالباسط ميمڻ نديم ميمڻ عبدالعزيز عرف موٽيو خاصخيلي فرحان حيدر ميمڻ نياز حسين خاصخيلي ربڏنو ميمڻ صحافي شهباز عمراڻي صحافي گهنشام داس سامناڻي صحافي ربنواز ميمڻ سهيل احمد ميمڻ عابد عزيز خاصخيلي طفيل ميمڻ ۽ ٻين چيو تہ اسان جي سنڌ جا ڏاها بزرگ شاعر ليکڪ محقق شاھ عبدالطيف ڀٽائي سامي سچل  شاھ عبدالڪريم  حمل بيدل گرهوڙي صاحب  جيڪي ڳالهيون ڪري ويا آھن جيڪا هنن شاعري ڪئي آھي جيڪي هنن قول چيا آھن اهي اڄ سڀ حقيقت تي مبني ثابت ٿيا آهن هنن چيو تہ ڪيترو عرصو اڳ هنن جيڪي پيشنگويون ڪيون اهي اڄ سڀ سچ ثابت ٿيون آھن اهي اڄ اسان سڀ ڏسي رهيا آھيون  هنن چيو تہ اڄ جو دور نفسانفسي جو دور آھي جنهن ۾ ههڙيون ادبي ڪچھريون ڪرائڻ محبت جو ميلا مچرائڻ هڪ وڏي سٺي روايت آھي جنهن سان اسان جي معاشري ۾ هڪ نواڻ پيدا ٿئي ٿي ايندڙ نسل کي هڪ سٺو ميسيج وڃي پيو تہ نوجوان نسل بہ هنن وڏڙن جي ڪچھرين کي جاري ساري رکي سگهن ان موقعي تي ٻين شخصيتن شاعرن سماجي اڳوڻن صحافين شرڪت ڪئي.

  • سڪرنڊ ۾ ايڪتا جاڳرتا تقريب، شاگردن پاران ٽيبلوز پيش

سڪرنڊ (ن ع آ)  سڪرنڊ ۾ سنڌي ميڊيا پاران ڏنل ثقافي ڏهاڙي جي سڏ تي شهر جي سي ڊي ايف اسڪولنگ سسٽم سڪرنڊ سيف جي تعاون سان هلندڙ اسڪول ثقافتي تقريب ٿي گذري شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران ثقافت ۽ سنڌ ڌرتي حوالي سان  تقريرو ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي . شاگردن تعليمي حوالي سان اصلاحي ٽيبلوز پيش ڪيا . شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران قومي گيتن تي جهومريون هنيو ۽ ثقافت جا رنگ نروار ڪيا . اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين ٽيچرن پاران ثقافتي ويس پائي تقريب ۾ شرڪت ڪئي . اسڪول کي ثقافتي شين سان سينگاريون ويو ، ان موقعي تي سي ڊي ايف چيئرمين عبدالحميد آرائين چيو ته اسان جي ڌرتي محبت ۽ امن واري ڌرتي آهي ، اسان پنهنجي ثقافت ۽ ورثي کي نٿا وساري سگهون اسان کي پنهنجي ٻارن کي تعليم جي زيور سان نوازڻو پوندو.

  • 5 ڊسمبر حوالي سان ٿاڻوبولاخان ۾ تقريب، قومي گيتن تي رقص

ٿاڻوبولاخان (ن ع آ ) ٿاڻوبولاخان جي ڳوٺ ملڪ صفر خان ٻاپڙاڻي جي پرائمري  اسڪول ۾ شاندار ثقافتي تقريب منقعد ڪئي وئي جنهن ۾ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي رنگارنگي تقريب ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي گيت ، پيش ڪيا ۽ قومي گيتن تي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا  اسڪول جي شاگردن يونس خاصخيلي شمن علي ذيشان علي محمد سڄڻ ساحل مختيار علي حاڪم علي مدثر محمد انيس بخش علي ارسلان خاصخيلي  ٻين قومي گيت ،  پيش ڪري سنڌ امڙ کي ڀرپور نموني ڀيٽا پيش ڪئي ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.