ميمونا سومرو ڪيس، ڪنڌڪوٽ ۾ڇاپو

ڪنڌڪوٽ ( ڊ ر ) ڪنڌڪوٽ بخشاپور ٿاڻي جي حد ۾ قتل ٿيل ميمونا سومرو جي قتل ڪيس ۾ گھربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ايس ايس پي امجد شيخ جي ھدايت تي بخشاپور پوليس جو عاشق علي سھرياڻي جي بنگلي تي چڙھائي جوابدار ھٿ نه اچڻ تي ملازم اڪبر علي قريشي کي گرفتار ڪري ورتو انھي حوالي سان پيپلزپارٽي اڳواڻ ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب جي سرپرست اعليٰ گل محمد خان جکراڻي ميڊيا سان فون ذريعي ڳالھائيندي چيو ته  جوابدارن بدران مسڪين غريب جيڪو اسان جو به خدمتگار آهي جنهن جو واقعي سان ڪنهن به قسم جو واسطو نه آهي ھي ڪنڌڪوٽ واسي يتيم آهي جنهن ڪري سنڌ پوليس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ کان اپيل آهي ته مسڪين کي آزاد ڪري بنا جواز گرفتار ڪندڙ ٽيم جي خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.