خيرپور جي بي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل استاد آزاد

خيرپور(س ر) بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس پرائمري اسڪول سمنگ چنا تي چڙهائي ڪري اسڪول ۾ ڊيوٽي تي موجود استاد ذولفقار شيخ کي پوليس موبائيل ۾ کڻي  وڃي ٿاڻي تي لاڪب ڪري استاد جي مٿان سخت تشدد ڪري موبائيل فون ۽ پئسا کسي ورتا جنهن بعد استاد پنج ڪلاڪ لاڪب ۾ رهيو جنهن کان پوءِ استاد جي پٽ وقار شيخ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور کي درخواست ڏني ته سندس والد استاد ذولفقار شيخ سرڪاري اسڪول مان بي سيڪشن پوليس کڻي بنا جواز جي لاڪپ ڪري تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن کان پوءِ ڊسٽرڪٽ سيشن جج ريڊڪمشنر کي مقرر ڪري بي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو هڻڻ جو حڪم جاري ڪيو، جنهن بعد ريڊ ڪمشنر بي سيڪشن ٿاڻي تي ڇاپو هڻي لاڪپ مان استاد کي بازياب ڪرائي ورتو جڏهن ته ايس ايڇ او کي اڄ رڪارڊ سميت عدالت ۾ طلب ڪري ورتو، جڏهن ته بازياب ٿيل استاد ذولفقار شيخ اخبار وارن کي ٻڌايو ته مان صبح جو پنهجي گهر کان ڊيوٽي تي آيس ته بي سيڪشن  پوليس اسڪول ۾ بنا ڪنهن اين سي جي داخل ٿي سرڪاري ڊيوٽي دواران کڻي وڃي لاڪپ ڪري ڇڏيو، استاد جو چوڻ آهي ته مون مٿان ڪوبه ڪيس نه آهي هن چيو ته مان بيمار آهيان مون سان پوليس وڏو ظلم ڪيو آهي مان پڙهيل لکيل فيملي سان تعلقه رکان ٿو هن مطالبو ڪيو ته بي سيڪشن پوليس خلاف ڪاروائي ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.