نوابشاهه ويجهو ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙو، عورت سخت زخمي

نوابشاهه(بيورو رپورٽ) نوابشاه ڀرسان ڳوٺ درياھه خان رند ۾ ٻارن جي ڳالهه تان خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جڏھن ته لوھا سريا لڳڻ ڪري 50 ورھين جي عورت مسمات ساران خاصخيلي سخت زخمي ٿي پئي جنھن کي نواب شاهه جي پي ايم يو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي ان جو ھنگامي بنيادن تي آپريشن ڪيو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ زخمي عورت جي وارثن ٻڌايو ته ته ٻارن جي ڳالهه تان جھيڙو ٿيو جنھن ۾ شوڪت ۽ ان جي ڀاءُ ڌڪ ھڻي اسان جي عورت کي زخمي ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.