لاڙڪاڻُي ۾ 5 ٻارن جي امڙ فوت، ڊاڪٽر تي غفلت الزام، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ لالو رائنڪ شهر جي قاضي محلا جي رهواسڻ 5 ٻارن جي امڙ ثمينه زال رستم قريشي کي وارثن شهر جي چانڊڪا پل وٽ قائم لاڙڪاڻو جنرل اسپتال ۾ پتي جي آپريشن لاءِ آندو جتي آپريشن بعد عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي ۽ ڊاڪٽر جي مشوري تي وارثن کيس چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو پئي ته عورت رستي ۾ فوت ٿي وئي جڏهن ته وارثن چاندي اسپتال جي ڊاڪٽر مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي احتجاج ڪيو. ان موقعي تي فوتي عورت جي ڏير امداد علي قريشي دانهيو ته اسان پنهنجي ڀاڄائي کي پتي جي آپريشن لاءِ چانڊڪا پل وٽ لاڙڪاڻو جنرل اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽر محرم علي عباسي 40 هزار وٺي آپريشن ڪيو جنهن ڪري ڀاڄائي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي ان تي ڊاڪٽر کيس چانڊڪا اسپتال جي آئي سي يو ۾ داخل ڪرڻ جو مشورو ڏنو اسان ڀاڄائي کي جيئن ئي اسپتال کڻائي وياسين ته هوءَ رستي ۾ فوت ٿي وئي. هن الزام لڳايو ته ڊاڪٽر محرم علي عباسي ڀاڄائي جي آپريشن ۾ غفلت جو مظاهرو ڪيو،وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڊاڪٽر محرم علي عباسي مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، فوتي عورت جو لاش کڻائي لالورائنڪ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.