پ پ حڪومت ڪرپشن کي جمهوريت جو نالو ڏنو آھي: اياز لطيف

حيدرآباد ( پ ر )  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ پ پ حڪومت ڪرپشن، اقربا پروري، زمينن تي قبضن، غريب عوام سان ظلم ۽ وسيلن جي نيلامي کي جھموريت جو نالو ڏنو آھي۔ سرداري ۽ جاگيرداري نظام بنيادي انساني حقن جو ڌاڙيل نظام آھي۔ ظالم سردار ۽  جاگيردار تعليم آڏو رڪاوٽ آھن۔ اسڪولن کي اوطاقون، مال جو وٿاڻ ۽ ڀانڊا بنايو ويو آھي۔ قبيلائي نظام ۾ روڊ، ڊرينيج، واٽر سپلائي ۽ ٻيون سھولتون نٿيون ڏنيون وڃن۔ وڏيرن ۽ جاگيردارن جي مرضي جي خلاف روڊ نٿا ٺھن، اسڪولن ۾ استاد ڊيوٽيون نٿا ڪن۔ عوام جي دولت کي حصا پتي ڪري لٽيو وڃي ٿو۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي عوام دشمن سردارن ۽ جاگيردارن جي سرپرست بنيل آھي۔ جنھنڪري 14 سالن جي حڪمراني ۾ سنڌ باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ ترقي، امن ۽ تعليم جي ميدان ۾ اڳتي وڃڻ بدران پٺتي وئي آھي۔ معصوم پريا، عمران جوکيو ۽ فضيلا سرڪي اغوا آھن۔ وارثن ۽ عام ماڻھن جي وڏن احتجاجن باوجود معصوم نياڻيون ۽ نوجوان بازياب نٿا ڪرايا وڃن۔ ناظم جوکيو، فھميده سيال، دودو ڀيل، عثمان سومرو، قرت العين ۽ ٻين خونن سان انصاف مشڪل بنجي ويو آھي۔ قانون صرف غريب ماڻھن لاء آھي۔ سردارن، جاگيردارن ۽ وڏيرن کان ڪو بہ پڇڻ وارو ناھي۔ اھي ڀلي ڪيترا به خون ڪري ڇڏين۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ تيل مھانگو ٿيڻ ڪري غريب عوام 2 وقت جي ماني لاء پريشان آھي۔ پاڻي کوٽ، زرعي تباھي، بيروزگاري ۽ مھانگائي جي ڪري غربت وڌي وئي آھي۔ وفاقي جي ايجنڊا نواز شريف کي جھڪائڻ ۽ پ پ جي ايجنڊا زرداري ۽ ٻي ڪرپٽ مافيا کي نيب کان بچائڻ آھي۔ ان وچ ۾ عوام پيسجي رھيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.