ڪڍڻ ۾ دڪان کي باهه، سامان سڙي ويو

ڪڍڻ (ن ع آ) ڪڍڻ پريس ڪلب جي آڊيٽر, سينئر صحافي ۽ ارجڻ ڪمپوزنگ سينٽر جي جي مالڪ اجڻ ڪمار جي دوڪان کي آڌي رات جو اچانڪ باھ وڪوڙي ويئي جنھن ڪري دوڪان ۾ موجود ڪمپيوٽر, ليپ ٽاپ, فوٽو اسٽيٽ مشينون, بجلي جو سامان ۽ ٻيا قيمتي ڪاغذات سڙي رک ٿي ويا, ٽائون ڪميٽي ڪڍڻ ۾ فائربرگيڊ گاڏي نه ھئڻ سبب باھ تي بروقت ڪنٽرول نه ٿي سگھيو ۽ مسڪين پورھيت صحافي جو لکين روپين جو نقصان ٿي ويو, باھ لڳڻ جو فوري طور سبب معلوم ٿي نه سگھيو آھي, ياد رھي ته ڪجھ مھينا اڳ۾ ڪڍڻ پريس ڪلب جي صحافين ايوان صحافت بدين ۾ ھڪ پروگرام ۾ موجود ڊي سي بدين آغا شاھنواز کان مطالبو ڪيو ھو ته ڪڍڻ ۾ باھ جا ڪيترائي واقعا ٿيا آھن تنھنڪري ٽائون ڪميٽي ڪڍڻ کي فائربرگيڊ جي گاڏي ڏني وڃي, ڊي سي بدين واعدو ڪيو ھو ته ڪجھ ڏينھن ۾ ڪڍڻ کي فائر برگيڊ گاڏي مھيا ڪئي ويندي پر چار پنج مھينا گذرڻ باوجود انھي واعدي تي عمل ٿي نه سگھيو,شھر ڪڍڻ جي صحافين, شھرين ۽ ساڃانھ وندن ضلع انتظاميا بدين کان مطالبو ڪيو آھي ته مسڪين پورھيت صحافي جي مالي مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.