ڌاٻيجي ۾ڪي اليڪٽرڪ ملازمن جو ڌرڻو

ڌاٻيجي (ن ع آ)  ڌاٻيجي ڪي اليڪٽرڪ  ڌاٻيجي  گرڊ اسٽيشن جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو  ملازمن جي ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ڇڏي  ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي  انهي موقعي تي  پورهيتن رياض علي قريشي ،محبت علي، محمد ابراھيم، عبيدالله ،سعيد الله ،بخت علي ۽ ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته   اسان کي گذريل 4 مھينن کان نجي ڪمپني اي ايچ سي ايل  پگھارون بند ڪري ڇڏيون آھين   جنهن سبب اسين فاقا ڪشي جو شڪار ٿي ويا  آھيونهنن وڌيڪ چيو ته  اسان جي فور مين کي فالج جو اٽيڪ ٿيو آهي 15 ڏينهن کان تڪليف ۾ آهي ۽ ٻيا ڪيترا ئي پورهيت  سياري  جي موسم ۾  بخار سميت  ٻين  مختلف  بيمارين ۾ وٺجي چڪا  آهين  پر  نجي ڪمپني انتظاميا  پنهجي هوڏ تي قائم رهندي پورهيتن سان نجي جيل  جيان ورتو هاڻي پگهارون گهرون ٿا ته نٿا ڏين ويتر اسان کي هيسائي رهيا آھين جنهن سبب سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آھيون ھنن وزير اعليٰ سنڌ ۽ صحنت جي منسٽر   کان اپيل ڪندي چيو ته اسان کي کي پنهجو جائز اجرو  ڏياريو وڃي نه ته ٻئي  صورت  پنهجي جائز حقن لاء  ڪراچي، ٺٽو مين نيشنل هائي  تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪنداسين جيستائين اسان کي پگهر جو پورهيو نه ڏنو ويندو تيستائين اسان جو احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.