قاضي احمد ۽ ڀرپاسي بدامني، واپاري کان اڍائي لک ڦر، احتجاج

قاضي(ن ع آ) قاضي احمد شھر اندر بدامني چوٽ چڙھيل، ڏينهن ڏٺي جو شھر جي مشھور واپاري مرڪز ڏيڙان روڊ تان هندو پنچائت جي مکي سيٺ پرمون مل کان ٽن ڦورون جي ڏينھن ڏٺي جو دڪان مان اڍائي کان ٽي لک روپيا ڦر. لڳي ٿو ته رياست به هنن رهزنن اڳيان بيوس بڻيل آهي، ياد رهي ته ڪجھ وقت اڳ صحافي صلاح الدین ڪيريو جي ڀاء جي چوري ٿي، جنھن کانپوءِ صحافي مقبول علي ڪيريو، صحافي محمد موسيٰ جتوئي جي ڀاءُ کان ڦر، صحافي آفتاب جتوئي ء صحافي ڄام ڪاشف انڙ جون موٽرسائڪلون ڪاھجي ويون مگر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. ديوان برادري سميت شھر جا واپاري تعلقي اسپتال پھچڻ شروع ٿي ويا آهن، ڏسجي ته دڪاندار تنظيمن جو ڪهڙو لائحہ عمل تیار ٿئي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.