ٽنڊو حيدر ۾ بااثرن خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، انصاف جي گهر

ٽنڊو (ن ع آ) پٻڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ سجاول ڏهيو ۾ ڏهيا برادري جي 7 سالا  معصوم نينگر ميرحسن ڏهيو ولد مشتاق ڏهيو جي بيبنياد قتل جي الزام هيٺ آيل جوابدار حاجي ڏهيو جمعو ڏهيو گذريل ڏيڊ سال کان جيل ڪاٽن تي مجبور بڻيل جڏنهن ته ان موقعي تي فوتي نينگر جي ماء بچل احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته 18 مهينا  اڳ منهنجو 7 سالا پٽ ميرحسن بخار جي مرض ۾ مبتلا ٿيو جنهن کي علاج لاء سول اسپتال حيدرآباد داخل ڪرايو ويو جتي علاج بهتر نه ٿيڻ ڪري بخار واري حالت ۾ فوت ٿي ويو جنهن کي ڪنهن به قتل نه ڪيو ڪجھ  منهنجي مڙس بااثرن جي چرچ تي  حاجي ڏهيو جمعو ڏهيو مٿان قتل جو بيبنياد الزام هڻي جيل حوالي ڪيو .جڏنهن قتل جي ڪابه واردات نه ٿي آھي  ته جيئن اسان کي بليڪ ميل ڪري اسان کان ملڪيت حاصل ڪرڻ لاء مختلف طريقن سان پريشان ڪيو پيو وڃي ان وڌيڪ چيو ته   منهنجو پٽ بخار واري حالت ۾ فوت ٿيو جوابدارن مٿان ڪوڙو ڪيس لڳايو ويو آھي جڏنهن ته ان موقعي تي مسمات ڀاڳي سميت ٻين چيو ته ڏهيا برادري جي ماڻھن ۾ فساد ڪرائڻ لاء ڪجھ بااثر ماڻھون ڪيس کي خراب ڪرڻ لاء  پٺ ڀرائي ڪري اسان کي ملڪيت لاء بليڪ ميل ڪري رهيا آھن حاجي ۽ جمعو بيگناه آھن جيڪي ڏيڊ سال کان جيل ڪاٽي رهيا آھن انهن چيف جسٽس آف پاڪستان وزير اعظم پاڪستان ۽ ٻين وس کان اپيل ڪندي چيو ته اسان ٿيل نااصافي جي صاف ۽ شفاف انڪوائري ڪرائي حاجي ۽ جمعو ڏهيو کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.