ڀريا روڊ ۾ دڪانن جي مالڪي تان ڇڪتاڻ، مزاحمت، احتجاج

ڀريا روڊ ( ن ع آ ) ڀريا روڊ ۾ دڪانن جي مالڪي تان انتظاميا پاران دڪاندارن کي بي دخل ڪرڻ لاءِ ڪارروائي، انڪروچمينٽ ۽ اي سي سان دڪاندارن جون چڪريون، مزاحمت شهرين ۽ دڪاندارن اسسٽنٽ ڪمشنر ڀرياسٽي  تپيدار ، انڪروچمنٽ  جي اھلڪارن کي گھري ۾ آڻي ورتو،انتظاميا خلاف سخت نعري بازي، ڊي  ايس پي ڀريا سٽي جي اڳواڻي ۾  پوليس اٽالا طلب  ڪيا ويا، دڪاندار فيصل مغل، يونس ملڪ،  دودو راڄپر،  شاقو ستار موچي، رمضان ملڪ، امتيا ٻرڙو، شٺزاد راڄپر ۽ ٻين  احتجاج ڪندي چيو ته  اسان دڪانن جا ما لڪ آھيون  ۽ 70 سالن کان اسان جا آھن،انتظاميا با اثرن جي وھنگار  وھندي اسان  کي بنا جواز  پنھجن گھرن ۽ دڪانن کان بي دخل ڪرڻ  چاھي ٿي. جيڪو مرندو مري وينداسين پر پنھجا گھر دڪانن نه ڇڏينداسين، سنڌ سرڪار ۽ ٻيون اختياريون نوٽيس وٺن، ٻئي صور ت ۾ ايس ايس پي ۽ ڊي سي نوشهرو اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.