خيرپور عدالت پاران کنڀيل چئن ڳوٺاڻن جي آزاديءَ جو حڪم

خيرپور( ڊ ر)  خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت ڪمب ٿاڻي ۽ ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي پوليس هٿان مبينيٰ کنڀيل چئن ڳوٺاڻن لولائي برادري جي نظير احمد ولد غلام علي، عبيدالله ولد نظير احمد، رياض احمد ولد عبدالغفور لولائي ۽ رفيق احمد ولد حيدر بخش خاصخيلي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته بنان جواز کنڀي گم ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل ڪمب ٿاڻي جو ٿاڻيدار، ٻٻرلوءِ ٿاڻي جو ٿاڻيدار، اي ايس آءِ شاهد حسين خشڪ ۽ هيڊ ڪانسٽيبل بشير احمد خلاف پڻ نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي.عدالت اهڙي ڪاروائي ڳوٺ محمود خان خاصخيلي تعلقه ڪوٽڏيجي جي رهواسي محمد مراد خاصخيلي ۽ ٻٻرلوءِ ڀرسان ڳوٺ سائينداد بلوچ جي رهواسي محمد يوسف لولائي طرفان داخل ڪرائيل درخواستن بعد ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.