ڊگهڙي ويجهو پيرسن جو سڙيل لاش هٿ

ڊگھڙي (رپورٽ : ڀاون شاهه ) ڊگهڙي ڀرسان ميرواھ گورچاڻي روڊ تي مرڪز اسٽاپ ويجهو ديوين جي جهنگ مان باھ ۾ سڙيل حالت ۾ نامعلوم شخص جو لاش هٿ،نامعلوم شخص جي لاش ڀرسان هڪ پلاسٽڪ جي بوتل،ماچيس ۽ چپل پيل ملي،فوتي شخص جي جسم جو لڳ ڀڳ 80سيڪڙو جسم سڙي چڪو هو،اطلاع تي ڊي ايس پي ڊگهڙي ميرآفتاب ٽالپر،ايس ايڇ او ڊگهڙي آفتاب رند واقعي واري هنڌ پهتا نامعلوم فوتي شخص جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال ڊگهڙي آندو ويو جتي ڊاڪٽرن طرفان ضروري ڪاروائي بعد لاش سڃاڻپ لاء مرده خاني ۾ رکيو ويو،ميڊيا تي خبر هلڻ بعد فوتي جا وارث ڊگهڙي ٿاڻي ۽ مرده خاني تي پهتا جتي هنن فوتي جي چپل ۽ ڪپڙن جي رنگ مان خان محمد عرف خانو خاصخيلي ويٺل لڳ غوثيا مهاجر  مسجد ڊگهڙي طور ڪئي پوليس موجب سندس وارثن جو چوڻ آهي ته فوتي شخص بيمار رهندو هن کان اڳ به خودڪشي جي ڪوشش ڪري چڪو هو،ضروري ڪاروائي بعد لاش سندس وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي گهر کڻائي ويا .لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.