لمس ملازمن جي تنظيم لسوا جي اليڪشن 30 نومبر تي ٿيندي

ڄامشورو( ڊ ر ) لمس يونيورسٽي ۾ ملازمن جي تنظيم لسوا جي اليڪشن 30 نومبر تي ٿي رهي آهي جنهن ۾ لسوا جي ٽن گروپن لطيف مهراڻ پينل, جيئي شاھ نوراني پينل ۽ پورهيت اتحاد پينل آمھون سامھون ـ ٽنھين  پينلن پاران اليڪشن ۾ سوڀ ماڻڻ لاء ورڪ مهم پڻ تيز,. ان سلسلي ۾  لطيف مهراڻ پينل جي مان ۾ پورھيت اتحاد کي الوداع ڪندي  منظور ڀاڳت, حامد قمبراڻي ۽ ٻين جي ميزباني ۾ لمس ڪئمپس ۾ آجياڻو ڏنو ويو, جنهن ۾ لطيف مھراڻ پينل جي اڳواڻن سعيد احمد لاشاري, مخدوم اشفاق احمد, قربان علي سومرو اعجاز برفت, نياز چانڊيو, ۽ خير بخش بلوچ سميت وڏي انگ ۾ لمس ملازمن شرڪت ڪئي

  • راڻيپور ۾ بادشاهه پير دم دستگير جي سالياني عرس جون تقريبون

راڻيپور (ن ع آ) راڻيپور ۾ بادشاه پير دم دستگير جي سالياني عرس مبارڪ جو افتتاح درگاه غوثيه دستگير جي سجاده نشين پير سيد سورج دستگير جيلاني جي ڀاءُ پير سيد شاھزيب شاھ جيلاني مزار تي چادر چاڙھي دعا گهري ڪيو.سن موقعي تي وڏي انگ ۾ مريد ۽ عقيدتمند پڻ شرڪ ھئا.ان موقعي تي شاھزيب شاھ اجتماعي دعا گھرندي ملڪي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعا گھري.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.