ڪنب مال پڙي مان چور راڻيپور واسي جي موٽرسائيڪل ڪاهي فرار 

ڪنب(ن ع آ) ڪنب ۾ ھر ھفتي خميس جي ڏينهن تي لڳندڙ مال پڙي مان نامعلوم چاٻي چور راڻيپور واسي چوپائي مال جي واپاري نفيس علي شاھاڻي  جي نئين سي ڊي موٽرسائيڪل  ماڊل   2020  ڪاهي فرار ٿي ويا موٽرسائيڪل چوري  ٿيڻ  جي ڪنب ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ويئي آھي  ٻي طرف چوپائي مال جي واپارين  ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آھي ته واپاري جي چوري ٿيل موٽر سائيڪل واپس ڪرائي ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.