آريجن ۾ پ پ اڳواڻ مرحوم عزيز الله آريجو جي تڏي تي پهتا

خير محمد آريجا ( ن ع آ ) خير محمد آريجا جي ٽارو واهڻ محلي ۾ هڪ ڏينهن اڳ فوت ٿي ويل پ پ اڳواڻ عزيز الله آريجو جي تڏي تي سندس وارثن محمد رفيق آريجو، محمد شفا آريجو، مير احمد بخش آريجو، سراج احمد آريجو ۽ ٻين سان پ پ ايم پي اي حزب الله خان ٻگھيو جي پٽ پ پ اڳواڻ محمد علي امر خان ٻگهيو، اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي سئوٽ ٽائون ڪاميٽي آريجا جي ٽائون آفيسر محمد خان سيال سميت ٻين پ پ اڳواڻن توڙي سياسي سماجي اڳواڻن شفيق احمد آريجو، سردار محسن خان آريجو ،طحه عرف سني آريجو ، سيد شفقت شاھ، هدايت ﷲ شاھ ،سيد اشفاق علي شاهه، شاهد ناز تونيو، ارشاد علي ڪلهوڙو، سيد عطا محمد شاهه ،محرم علي ڪنڀر، وڏيرو حزب ﷲ آريجو، استاد برڪت علي آريجو، سرائي منظور علي آريجو، عدنان آريجو ، وريام علي آريجو، فيضل آريجو ،وريام علي آريجو ۽ ٻين طرفان محروم عزيز ﷲ آريجو جي تڏي تي پهچي سندس وارثن سان فاتح خواني بعد تعزيت ڪندي ڏک ونڊيو

  •  احمد پور لڳ  نالي واري سگهڙ عبدالرحمان مھيسر ورسي تقريب

احمدپور (ن ع آ) احمدپور لڳ ڳوٺ ڳوٺ رفيق مھيسر ۾ سنڌ جي مشهور نامور صدا حيات سگهڙ مرحوم فقير عبدالرحمان مھيسر جي وڇوڙي کي 15 سال گذري ويا، سندس ورسي تقريب سگهڙ ھائوس تي سنڌ سگهڙ ادبي ڀلائي تنظيم صوبائي سنڌ جي صدر خليل الرحمان مھيسر جي رھائش گاھ تي سندس ئي نگرانيءَ هيٺ ملھائي وئي، تقريب ۾ سنڌ جي مشهور نالي وارن سگهڙن اديبن توڙي علائقي جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي سنڌ جي مشهور نالي وارن سگهڙن امام ڏنو مھراڻي علي حسن سولنگي، فقير وريام شيخ، ڏاڏو ڏتل ابڙو، فياض فقير مھيسر محمد بخش سھتو، ۽ سنڌ جي مشھور صوفي فنڪارن رانجهن فقير ڀٽي، عبدالغفور اڄڻ الگزا نواز، سيد مھدي شاھ، برڪت ميتلو ۽ ٻين پاران صدا حيات سگهڙ مرحوم فقير عبدالرحمان مھيسر جي زندگيءَ تي روشني وڌي ۽ کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.