لاڙڪاڻي ۾ چڙهائي، عورتن ۽ ٻارن تي تشدد، 4 ڄڻا گرفتار، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي مان سکر پوليس هٿان مبينا منشيات ڪيس ۾ گرفتار ڪيل چئن نوجوانن جي وارثن پريس ڪلب اڳيان لاڙڪاڻو ۽سکر پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي لاڙڪاڻي شهر جي احمد شاهه زين ٽائون رتوديرو روڊ واري علائقي جي رهواسي پيرسن مينهل شر پنهنجي گهر واري ڳوري خاتون، ڀائٽي برڪت علي شر ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي صحافين آڏو دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل 21 آڪٽوبر رات جي وقت لاڙڪاڻي جي ڪنگا ٿاڻي جي ايس ايڇ او الطاف ڪانڌڙو ۽ سکر ٿاڻي جي ايس ايڇ او مزمل سومرو پوليس اٽالا ساڻ ڪري منهنجي گهر تي چڙهائي ڪري ٻن پٽن نديم شر، ميرخان شر، ڀائٽي وسيم شر ۽ مائٽ محمد خان شر کي کنڀي سندن موجودگيءَ ۾ پوليس اهلڪارن گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي گهر ۾ پيل سونا زيور، ڏيڍ لک روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا. هن چيو ته نوجوانن کي گرفتاري واري واقعي جي 8 ڏينهن کان پوءِ سکر ٿاڻي جي ايس ايڇ او مزمل سومرو ٽن نوجوانن نديم شر، وسيم شر ۽ محمد خان شر مٿان بيگناهه چرس جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪري سينٽرل جيل سکر حوالي ڪري ڇڏيو ۽ نوجوان مير خان شر جي آزادي لاءِ هو اسان کان 5 لک رشوت طلب گهري رهيو آهي رشوت نه ڏيڻ تي نوجوان کي ڪوڙي مقابلي ۾ هاف فراءِ يا فل فراءِ ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي.  آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي گرفتار ڪيل چئني نوجوانن کي آزاد ڪرائي تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.