احمد پور ويجهو ڏوهاري پاران 15 لک ڀتو طلب، احتجاج

خيرپور ( س ر ) احمدپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڏانور ڀرسان اشتهاري ڏوهارين پاران ڀتو وصول ڪرڻ جو عمل سرگرم ٿي ويو آھي هن سلسلي ۾ درگاهه پير علي مدد شاهه جي گادي نشين سيد موج علي شاهه علي مراد ميتلو، هادي بخش ، اعجاز ميتلو ۽  پنهنجي هارين سان گڏجي ميڊيا آڏو دانينهدي ٻڌايو ته ڏانور جي اشتهاري ڏوهارين فيض محمد ڦلپوٽو ، طالب ڦلپوٽو ، محمد يوسف عرف بابو ڦلپوٽو سميت 10 کان وڌيڪ هٿياربندن زمين تي ڪم ڪندڙ هارين کي ڪم کان 15 لک ڀتو وصول ڪيو جنهن تي سيد موج علي شاههموقعي تي  پهچي هٿياربندن کي ڀتو ڏيڻ کان انڪار ڪيو جنهن بعد ڀتا مافيا جوابدارن اسان کي تشدد جو نشانوبنائڻ بعد زخمي حالت ڇڏي فرار ٿي ويا ، مظاهرين  ٻڌايو ته ڀتا مافيا خلاف آواز اٿارڻ تي جوابدارن فرار ٿيڻ کان اڳ اسان کي قتل ڪرڻ ، سخت نتيجا ڀوڳڻ  ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آھن جنهن ڪري خاندان سميت پريشان آھيون مظاهرين آء جي سنڌ ، ڊي آء جي سکر ۽ اسي ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي انصاف  ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.