فريدآباد لڳ ڀلوڙ مينهن چوري ڪرڻ جي ڪوشش، چور گرفتار

فريدآباد ( ن ع آ) فريدآباد لڳ ڳوٺ گونگو پير جي ڳوٺاڻي  تميم احمد  سولنگي جي گھر مان 4 نامعلوم چورن ڀلوڙ مينهن چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀاڳيا سڄاڳ ٿي پيا جنهن ۾ ھڪ چور وحيد سولنگي پٽ رستم سولنگي ٿڏي تي پڪڙجي پيو ـ ڀاڳين جو چور تي تشدد ـ ٽنگ مان رت وھڻ لڳو ـ  اطلاع تي پوليس پھچي وئي پڪڙيل چور پوليس حوالي ڪيوـ چور وحيد سولنگي لاڪب ۾ رت ڳاڙيندو رھيو ـ ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ـ ھوڏانھن گھر ڌڻي تميم سولنگي جي فرياد تي چئن ڄڻن وحيد سولنگي صادق سولنگي ۽ 2 نامعلوم سميت چئن ڄڻن تي اين سي داخل ـ ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ـ فريادي تميم سولنگي چيو ته رات جو ڀلوڙ مينهن چوري ڪري رھيا ھئا ته سڄاڳ ٿي پياسين جنهن تي ھڪ چور وحيد سولنگي کي ٿڏي تي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آهي ۽ ٻيا ڀڄي ويا ـ ھوڏانھن چوري جي الزام ھيٺ گرفتار وحيد سولنگي چيو ته مون چوري ناھي ڪئي پر ڳوٺ جي ٻاھران پڪڙي چوري جو الزام ھنيو اٿن ـ ھوڏانھن  فريدآباد ٿاڻي جي وڏي منشي خالد سوڍر موجب چوري جو ڪيس داخل ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.