سوڀي ديري ۾ صحافي جو پوليس خلاف احتجاج، اغوا ڪرڻ جو الزام

سوڀوديرو (ن ع آ)   سوڀوديرو  جي ٿاڻي جي در سامھون پوليس جي اي ايس آء سڪندر منگي ۽ سندس ڀائرن سوڀي ديري جي سينئر صحافي تعلقا پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري فضل محمد منگي کي اغوا ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ـ پوليس جي نمبر پليٽ لڳل اڇي رنگ جي مھراڻ ڪار م فضل محمد کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي  ـ  مزاحمت تي فضل محمد منگي سخت زخمي ٿي پيو  ـ صحافين ۽ شھرين پھچي فضل محمد کي ڇڏايو، ڏھ ڏينهن اڳ فضل محمد منگي جا ساڳين جوابدارن دڪان ڊاھيا ھيا جن جي سوڀوديرو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ھئي ـ ايس ايس  پي خيرپور کي بار بار دانھن باوجود ڪجهه نه ٿيو ـ جوابدار سري عام چوندا رھيا ته اسان سڄو بندوبست ڪيو آهي فضل محمد کي قتل ڪـنداسين ـ ياد رھي ته فضل محمد منگيء جي کاتي جي زمين آهي جنهن تي ھو دڪان ٺھرائي رھيو ھيو جنهن تان جوابدار پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪري رھيا آهن ۽ بااثر  ھجڻ ڪري ھو ڏاڍا بڻيل  آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.