ٽنڊو الهيار ۾ ناري مبينا اغوا خلاف احتجاج

ٽنڊوالهيار  ( ڊر  ) ٽنڊوالهيار ڳوٺ ونگي اوٺا جي رهواسي محمد حسن اوٺو 23 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيندڙ فرحانه اوٺو جي بازيابي لاءِ  ڇوٿين ڏينهن به ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ڳوٺ ونگي اوٺا جي رهواسڻ فرحانه اوٺو جي بازيابي لاءِ سندس وارثن طرفان لڳايل پريس ڪلب ٽنڊوالھيار آڏو بک ھڙتالي ڪيمپ جون خبرون ميڊيا تي ھلڻ کان پوءِ ٽنڊوالھيار پوليس انتظاميا نوٽيس وٺي ڇڏيو، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او حماد آخوند فرحانه جي وارثن وٽ پهچي ڳالھيون ڪري فرحانه اوٺو کي اغوا ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي يقين ڏياريو جنهن بعد فرحانه جي والد محمد حسن اوٺو پاران بک ھڙتال ختم ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.