راڄو خاناڻي ۾ سرداري نظام جي خاتمي لاءِ ريلي، ڌرڻو

راڄوخاناڻي (ن ع آ) سنڌي هاري تحريڪ  مرڪز پاران اعلانيل سنڌ ۾ جاگيرداري سرداري ۽ قبائلي نظام جي خاتمي ۽ زمينون سنڌي هارين کي ڏيارڻ جي لاء تحريڪ جي سلسلي ۾ سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري رامجي ڪولهي جاکرو نوحاڻي مهراڻ درس سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪيٽري زرقا هاليپوٽو بيگم زئور خاڪي جاني. هري رام رتن ڪمار ڪامريڊ شگن ڌڻي بخش نوحاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب راڄو خاناڻي کان ريلي ڪڍي سلطاني واه جي پل تي ڌرڻو هنيو جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آهي ته هڪ رٿابندي تحت سنڌ ۾ وڏيرن، سردارن، ميرن، پيرن ۽ گادينشينن کي مچائي مواڙ ڪري انسان دشمن قبائيلي نظام مڙهيو ويو آهي، جيڪو نظام بي گناهه ماڻهن جون جانيون ڳڙڪائي رهيو آهي. سنڌي هاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته انتهائي حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي موجود هجڻ جي باوجود سنڌ ايپيڪس  ڪميٽي فيصلو ٿي ڪري ته سردار ڀلي جرڳا ڪن. جيتوڻيڪ عدالتون ڪيترائي ڀيرا جرڳن تي پابندي جا فيصلا ڏيئي چڪيون آهن، ان جي باوجود سردار ۽ پوليس انتظاميه عدالتن جي فيصلن جي سنگين توهين ڪندي جرڳا ڪن ٿا. سنڌي هاري تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني هجي ها ته سردار ۽ وڏيرا ناظم جوکيو، فهميدا سيال عيني بلوچ تانيا خاصخيلي سميت ٻين معصوم ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهن ها. سنڌي هاري تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته پوليس جهڙو ادارو مڪمل طور تي جرڳا ڪندڙ سردارن جي ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪري ٿو، سر عام ماڻهن کي اغوا ڪرڻ، ڌاڙن، منشيات فروشي، ڪارو ڪاري سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾ پوليس جا اعلى آفيسر ملوث هجن ٿا. سنڌي هاري تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته چيف جسٽس سنڌ کي تعليمي ادارن ۾ شهيد ٿيندڙ سنڌ جي تعليمي يافته نياڻين ۽ ناظم جوکيو  جهڙن سوين ماڻهن کي اغوا ڪري گم ڪرڻ واري عمل جو نوٽس وٺي ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري، آئين ۽ قانون موجب سنڌ جي ماڻهن کي جاني ۽ مالي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ سنڌ جون زمينون بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.