اڏيرو لعل اسٽيشن ويجهو استاد مقرر نه ٿيو، رهواسي سراپا احتجاج

اوڏيرولال  اسٽيشن (ن ع آ)  اوڏيرولال اسٽيشن جي ڳوٺ حاجي جمع خان مڪراني جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر نه ٿي سگهيو ڳوٺاڻن جو مريد بلوچ جي اڳواڻي ۾  اصغر بلوچ ، حبيب بلوچ ، شريف بلوچ ، عبدالواحد لوچ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته  گورنمينٽ بوائز پرائمري جمع خان مڪراني جي اسڪول  ۾ استاد مقرر نه هئڻ ڪري اسڪول ۾ داخل هڪ سو کان مٿي ٻارن جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي انهن چيو ته گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول حاجي جمع خان مڪراني  ۾ پڙهائيندڙ هڪ استاد رٽائرڊ ٿي ويو آهي ۽ ٻيو استاد مقرر ڪيو ويو جنهن جو پروموشن ٿيڻ بعد اسڪول  گذريل 9 مهينن کان  بند پيل آهي استاد نه هجڻ ڪري  اسڪول ۾ داخل ٻار  ٻين اسڪولن ۾ به داخلا وٺڻ کان لاچاري آهن  ۽ انهن جو تعليم تباهه ٿي رهي  آهي اسڪول ۾ استاد مقرر ڪرڻ لاءِ اسان ڳوٺاڻن  ڊائريڪٽر  ايجوڪيشن پرائمري حيدرآباد ريجن  ، ڊي سي مٽياري ، ڊسٽرڪ ايجو ڪيشن  آفيسر پرائمري ،مٽياري  تعلقه ايجوڪيشن آفيسر   کي لکت ۾ درخواستون ڏنيو ن آهن پر ڪير به  ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي  ڳوٺاڻن چيو ته اسان وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاه ۽ سيڪريٽري تعليم سنڌ کان مطالبوڪيون ٿا  ته گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جمع خان مڪراني  جي اسڪول کي تعليم کاتي ۾ لڳل ايمر جنسي ۾ داخل ڪري اسڪول ۾ جلد   استاد مقرر ڪري ان ۾ داخل هڪ سو کان مٿي شاگردن جو تعليم ۽ مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي ٻئي صورت ۾ تعليم کاتي سنڌ جي لاڳاپيل کاتي جي اختيارين خلاف سنڌ هاء ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائينداسين.

  • سڳيون  هاءِ اسڪول جي عمارت زبون،  استادن ۽ شاگردن ۾ تاءُ

سڳيون (ن ع آ) سڳيون جي ھائير سيڪنڊري اسڪول جي نئون مقرر ٿيل پرنسپال استاد مير محمد شر سان سڳيون پريس ڪلب جي صحافين عرفان علي چنو، سماجي اڳواڻ لالا اشفاق ڀاڳت ۽ ٻين جي ملاقات ان موقعي تي گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول سڳيون جي بنيادي مسئلن بابت ڳالھ ٻولھ ڪرڻ تي پرنسپال استاد مير محمد شر صحافين سان ڳالھائيندي چيو تہ سڳيون هائير سيڪنڊري اسڪول گذريل ڪيترن ئي عرصي کان انتظاميا جي نااهلي سبب  بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل آهي جتي استادن جي کوٽ سبب  شاگردن جي تعليم مڪمل داء تي لڳل آهي جڏهن تہ ڪافي عرصو گذرڻ باوجود عمارت جي مرمت نه ٿيڻ ڪري زبون حالت ۾ آهي جتي شاگردن جي تعليم سان گڏوگڏ سندن زندگيءَ پڻ داء تي لڳل آهي، اسڪول جي جي بنيادي مسئلن بابت مٿين عملدارن کي لکت ۾ موڪلي ڇڏيو آهي پر هينئر تائين ڪوبہ کڙ تيل ناهي نڪري سگهيو،ٻئي طرف علائقي جي سماجي اڳواڻن ڪامريڊ عاشق چنو، غلام قادر ۽ ٻين اسڪول جي بنيادي مسئلن يعني استادن جي کوٽ ۽ عمارت جي  زبون حالت جو ذميوار تڪ جي چونڊيل نمائندن کي قرار ڏيندي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ ووٽ وٺڻ بعد تڪ جا چونڊيل نمائندا انمول بڻجي ويا آهن، جتي علائقي جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ تہ پري جي ڳالھ آھي پر چونڊيل نمائندن جي نااهلي سبب تعليم جهڙي زيور کان بہ محروم رکيو پيو وڃي.

  • شاھ لطيف يونيورسٽي ۾ سماجي ۽ مذهبي رواداري جي عنوان هيت پوسٽر مقابلو مقابلو

خيرپور( ڊ ر )شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور   جي پاڪستان اسٽڊيز شعبي ۾ انٽريونيورسٽي ڪنسورشيم براءِ پروموشن سوشل سائنسز جي سوشل ايڪشن پلان تحت سماجي ۽ مذهبي رواداري جي عنوان تي انٽر ڪلاس پوسٽر مقابلو منعقد ٿيو. پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊين فيڪلٽي آف سوشل سائنسز پروگرام جي صدارت ڪئي.ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري معاشري ۾ سماجي ۽ مذهبي رواداري جي اهميت تي روشني وڌي. هن چيو ته قومي يڪجهتي لاءِ سماجي ۽ مذهبي رواداري تمام ضروري آهي ڇاڪاڻ جو اسان جو مذهب اسلام پڻ اسان کي ڀائيچاري ۽ برداشت جو درس ڏي ٿو.

  • بوائز ڊگري ڪاليج مڪلي ۾راندين جو هفتو

ٺٽو(ڊ ر) ٺٽي ۾ صحتمند سرگرميون تيزي سان جاري آھن، گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج مڪلي ۾ راندين جو ھفتو ملھايو پيو وڃي، جنھن سلسلي ۾ راندين جي ھفتي جي ٻئي ڏينھن بيڊمنٽن ۽ ٽيبل ٽينس جا مقابلا ڪرايا ويا، جنھن ۾ بيڊمنٽن ۾ انٽر پري ميڊيڪل جي رضا شر پھرين ۽ انٽر پري ميڊيڪل جي شاگرد علي رضا بروھي ٻي پوزيشن ماڻي. ان موقعي تي راندين جي ھفتي جي آرگنائيزرن غضنفر سومرو، عزيز خاصخيلي، ستار ميمڻ، لطيف کتري ۽ ٻين چيو تہ ٺٽي جو نوجوان تمام گھڻو محنتي آھي ۽ ٽيلينٽ بہ گھڻو آھي پر اڳتي وڌڻ لاءِ کين موقعا نٿا ملن، جيڪڏھن ٺٽي جي نوجوانن کي بہ موقعو ڏنو وڃي تہ جيئن ھُو پنھنجي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگھن. ھنن چيو تہ رانديون معاشري لاءِ انتھائي ضروري آھن، جنھن سان معاشري مان سماجي براين جو خاتمو ايندو آھي، گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ ھڪ ھفتي تائين مختلف راندين جا مقابلا ڪرايا ويندا ۽ حوصلا افزائي لاءِ پوزيشنون حاصل ڪندڙ شاگردن کي انعام پڻ ڏنو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.