ڀان ويجهو چور زمين تان 2 مشنيون ۽ قيمتي سامان پٽي ويا

ڀان سيدآباد ( ن ع آ)ڀان سيدآباد ويجهو ڳوٺ ڀنڀڻ مان نامعلوم چور زرعي زمين کي پاڻي فراهم ڪندڙ 2 بورنگ مشينون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا، متاثر ڳوٺاڻي حبيب الله خشڪ جي فرياد تي ڀان پوليس اين سي داخل ڪندي چورن جي تلاش شروع ڪري ڇڏي آهي، ان سلسلي ۾ زمين مالڪ حبيب الله خشڪ ٻڌايو تہ منهنجي زرعي زمين تي پاڻي جون 2 مشينون لڳل هيون جيڪي چور ڪڍي مشينن جو قيمتي سامان بہ چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن،هن چيو تہ ڳوٺ ڀنڀڻ ۾ زمينن تان چورين جي واقعن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، چورن خلاف ايڪشن کنيو وڃي، ۽ چوري ٿيل مشينون ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.