مولا بخش ڦلپوٽو جا قاتل گرفتار ڪيو، خيرپور ۾ وارثن جو احتجاج

خيرپور(رپورٽ مختيار ڦلپوٽو)ڏيڍ مهينو اڳ ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد قومي شاھراه قاضي کوه وٽ قتل ٿي ويل مولابخش ڦلپوٽو جا قاتل پوليس ڳولهي ناهي سگھي، ان سلسلي ۾ مقتول جي ڀاءُ ڌڻي بخش ڦلپوٽو صحافين اڳيا دانهيندي ٻڌايو ته ڌيڍ مهيني گذرڻ جي باوجود پوليس واقعي جا جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگھي جڏهن ته ڪجھ ڏينهن اڳ پوليس شڪ جي بنياد تي نعيم احمد سمنگ کي گرفتار ڪيو هيو جنهن ڏوھ جو اعتراف ڪيو آهي ته مان مخبري ڪري مولابخش کي قتل ڪرايو ۽ مون کي  ڪنهن وڏي ماڻهون جو حڪم هيو ۽ مولابخش کي مارائڻ جا مون کي پيسا پڻ مليا آهن، ڌڻي وڌيڪ ٻڌائيندي چيو ته نعيم سمنگ جڏهن ڏوھ جو اطراف به ڪيو آهي ۽ پوليس کي قاتلن جا نالا به ٻڌايا آهن ته پوءِ جوابدار گرفتار ڇو نه ٿا ٿينهن چيو ته جيڪڏهن ٻن ڏينهن جي اندر واقعي اصل جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته مرحوم مولابخش جي صغير پٽ امير حمزه سميت ايس پي آفيس  اڳيان پاڻ کي باھ ڏئي ساڙيندس جنهن جي ذميواري خيرپور پوليس تي هوندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.