ٿر ۾ عرب شڪارين جي اچڻ جون تياريون

تحرير؛غلام حسين جوڻو

هڪ خبر موجب ”ٿر ۾ عرب شڪارين پاران ، شڪار ڪرڻ لاءِ عرب شڪارين جو گاڏيون ۽ سامان پهچڻ شروع ٿي ويو آهي ، انهئ سلسلي ۾ گذريل ڏينهن نئون ڪوٽ ۾ ڪلوئي کان وڏي تعداد ۾ عربن جو گاڏيون سامان سميت علائقن ۾ پهچي ويو آهن . شڪار لاءِ رکيل عرب شڪارين جا مقامي رکوالا عرب شڪارين جو گاڏيون کڻي ڳوٺن ۾ پهچي ويا آهن . جنهن بعد علائقي جي نوجوانن موبائيل هٿ ۾ کڻي مزاحمت لاءِ تيار ٿي ويا آهن ، گذريل ڏينهن به نوجوانن جي پاران نئون ڪوٽ ۽ ڪلوئي وٽان گذرندڙ عرب شڪارين جي گاڏين جي وڊيوز رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪري مزاحمت جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي . هن وقت ڏيپلو ، ڪلوئي ، ڏاهلي ، ڇاڇرو ۽ ٻين علائقن ۾ تيزي سان ڪئمپون تيار ٿي رهيون آهن“

سمجهھ ۾ ائين ٿو اچي ته حڪمرانن ناظم جوکئي جي قتل جي لقاءِ مان ڪو به سبق ڪونه سکيو آهي . ان واقعي جي خلاف سڄي سنڌ جو عوام پنهنجن گهرن مان نڪري احتجاج ڪرڻ شروع ڪيو هو . جيڪو ڪن شهرن ۾ اڄ به جاري  و ساري ڏسڻ ۾ اچي ٿو . سڄي قوم تي غم و غصي جي لهر ڇانيل آهي ۽ ڏک ۽ تشويش جو اظهار ڪري رهي آهي ، شهيد ناظم جوکئي کي “ سنڌ جو هيرو ” سڏي ٿي . هن واقعي کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي . اهو واقعو صدين تائين ياد رهندو قوم ناظم جوکئي کي سلام ٿي پيش ڪري ۽ ان واردات ۾ ملوث ڏوهاري ماڻهن جي مذمت ڪري ٿي ۽ انهن کي حقارت ۽ نفرت ۽ ڌڪار جي نظرن سان ڏسي رهي آهي . ناظم جوکئي تي ڪيترو به فخر ۽ ناز ڪجي ، سو بلڪل گهٽ ۽ ٿورو آهي . جنهن ڪسڻ قبوليو پر هڪ ظالم وڏيري جي آڏو سر جهڪائڻ کان انڪار ڪيو . اها سندس سورهيائي ۽ بهادري جو هڪ وڏو مثال آهي.

هن وقت عوام جو رخ هڪ طرف آهي ته ٻئي پاسي حڪومت جو آهي . عوام جي جذبن جو احترام ڪونه ٿو ڪيو وڃي. جڏهن ته عوام عربن جي شڪار ڪرڻ تي ناراض نظر اچي ٿو. پر، حڪومت ۽ ان جا حواري پنهنجن ذاتي مفادن خاطر عربن کي دعوتون ڏيو هتي گهرائين ٿا ۽ کين شڪار ڪرائي راضي رکڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. اهو سلسلو ڪيترن ئي سالن کان وٺي هلندڙ آهي. پر، ان جي خلاف ڪڏهن به آواز ڪونه اٿاريو ويو آهي. ناظم جوکئي جي شهادت کان پوءِ ، سنڌ جي رهواسين اک پٽي آهي ۽ اهي هاڻ سجاڳ ٿيا آهن. نوجوانن ۾ تمام گهڻو تاءَ نظر اچي ٿو. هو ، پنهنجين موبائل جي ڪئميرائن تي عرب شڪارين ۽ سندن سهولتڪارن جي سموري چرپر کي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪندا وتن. نوجوانن جي تحريڪ جو ، اتان کان آغاز ٿئي ٿو. ڇو ته اهڙا فوٽو ڪڍڻ ۽ اپلوڊ ڪري سوشل ميڊيا تي هلائڻ جي ڏوهه جي پاداش ۾ ناظم جوکيو قتل ٿيو هو. جنهن مان ثابت ٿيو آهي ته ، عرب شڪارين ۽ انهن جي سهولتڪارن کي ان عمل تي ڏاڍي چڙ ٿي اچي. پر، کين خبر هئڻ گهرجي ته ، سنڌ جو عوام ، سنڌ جو وارث آهي. اهي ئي هتان جي جهنگلي جيوت سميت سڀني شين جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻين ٿا. جنهن ڪري پنهنجي سر جو نظرانو ڏيڻ کان به ، هر گز ڪونه ٿا ڪيٻائين ۽ لهرائين. هاڻ حڪمرانن کي ان حوالي سان سوچڻ گهرجي ۽ اک پٽڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.