سنڌي ڪرڪيٽرن جي ٽيلنٽ کي تاريخ سرخرو ڪري ڏيکاريو آهي

تحرير؛زرار پيرزادو

¨ هن ملڪ اندر سنڌ ۽ سنڌي عوام سان جيڪي سياسي، سماجي، تاريخي، ثقافتي، حڪومتي سطح تي زيادتيون ۽ استحصال ٿيندو رهيو آهي تنهن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي.

¨ اها زيادتي ۽ استحصال سنڌ سان هر شعبي ۾ ٿيندو رهيو آهي. جنهن جو اصل سبب سنڌي عوام جي ٽيلنٽ کان خوف آهي ۽ ان خوف جو اظهار ايئن ڪيو ويندو آهي ته سنڌين ۾ ٽيلنٽ ئي ناهي. هي ڳوٺاڻا آهن، سادڙا سٻاجهڙا آهن، زماني سان هلڻ جهڙا ناهن. اهڙو اظهار مختلف دور جا حڪمران به ڪندا رهيا آهن.

¨ سنڌي عوام بنيادي طور تي جيئن ته جمهوري آهي، اٿاهه سياسي شعور رکندڙ آهي، سنڌو سڀيتا جو خالق آهي، وطن جو مالڪ رهيو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اينٽي اسٽيبلشمينٽ رهيو آهي تنهن خوف ڪري سنڌين کي هر ممڪن طريقي سان پوئتي رکڻ جون سازشون ٿينديون رهيون آهن.

¨ پر سنڌ ۽ سنڌي قوم جيئن ته زميني حقيقت آهن تنهن ڪري اهي زنده به آهن ۽ پنهنجين صلاحيتن کي زوريءَ مڃرايو به آهي. ملڪ جي ٻه ڀيرا وزيراعظم ٿيل بينظير ڀٽو اقتداري نظام ۾ هوندي به ان روايتي زيادتي کي محسوس ڪيو هو ته لاهور جي وزيراعظم ۽ لاڙڪاڻي جي وزيراعظم ۾ هتي وڏو فرق رکيو وڃي ٿو.

¨ پاڪستان جي ڪرڪيٽ اندر به سنڌي ڪرڪيٽرن سان هر دور ۾ اهو چئي زيادتي ٿيندي رهي آهي ته سنڌين کي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ان ڪري موقعو نٿو ڏنو وڃي ته انهن ۾ عالمي ليول جو ٽئلينٽ ناهي.

¨ اهو به هڪ خوف آهي ٻيو ڪجهه به ناهي. ٽئلينٽ ڪنهن ۾ به ۽ ڪٿي به ٿي سگهي ٿو. ڪن کي خوشنصيبي سان موقعا ملي وڃن ٿا ڪي اهڙن موقعن کان محروم رهجي وڃن ٿا. پر هاڻي ته دادو ۽ لاڙڪاڻي سان واسطو رکندڙ ٻن ڪرڪيٽرن زاهد محمود ۽ شاهنواز ڏاهاڻيءَ اهو سڀ ثابت به ڪري ڏيکاريو آهي ته سنڌين کي بيدردي سان نظرانداز ڪرڻ جي روايت اڃان جاري آهي.

¨ خوشقسمتي سان نيٺ هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ هن سال انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ زاهد محمود ۽ شاهنواز ڏاهاڻي کي کيڏڻ جو موقعو ملي ويو ۽ انهن صرف هڪ موقعي ۾، هڪ ئي ميچ ۾ پنهنجي ٽئلينٽ سان دنيا کي ڇرڪائي ڏيکاريو آهي.

¨ دادو جي اسپنر زاهد محمود کي هن ئي سال 14 فيبروري تي لاهور ۾ ڏکڻ آفريقا جي خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڊڄي ڊڄي، ميڊيا جي دٻاءُ تحت ڳيتون ڏيندي کيڏايو ويو ته هن پهرين اوور ۾ ئي ٻه وڪيٽون وٺي ڏيکاريون پر پوءِ به کيس پورا چار اوور به نه ڏنا ويا. ٽن اوورن ۾ هن 3 وڪيٽون ورتيون. پر افسوس ته هن وڪيٽ ٽيڪر اسپن بالر کي پوءِ وري ڪنهن ميچ ۾ کيڏائڻ جي ”غلطي“ نه ڪئي وئي.

¨ اهڙي نموني لاڙڪاڻي جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي کي به وڏي پئماني تي نظرانداز ڪيو ويو. پاڪستان سپر ليگ جي گذريل ٽورنامينٽ ۾ پهرين نمبر تي رهندڙ هن بالر کي ڪافي وقت کان انٽرنيشنل ميچ نه پئي ڏني وڃي.

¨ جڏهن ته هو پي ايس ايل ۾ ئي دنيا جو سپر اسٽار فاسٽ بالر بڻجي چُڪو هو پر مسئلو اهو هو ته هو سنڌي آهي. اهو معاملو ئي سندس لاءِ وڏي رنڊڪ هو.

¨ نيٺ ميڊيا جي دٻاءُ کانپوءِ شاهنواز ڏاهاڻي کي بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي جي ٽن ميچن جي سيريز جي آخري ميچ کيڏائڻ جو موقعو ڏنو ويو.

¨ ان پهرين انٽرنيشنل ميچ ۾ شاهنواز ڏاهاڻي پهرين اوور ۾ ئي شاهين آفريدي وانگر اوپنر کي جلد آئوٽ ڪري ان معيار جو پاڻ کي فاسٽ بالر ثابت ڪري ڏيکاريو. پر کيس به زاهد محمود وانگر پورا چار اوور ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو جڏهن ته هن کي به چئن مان ٽي اوور ڏنا ويا.

¨ شاهنواز ڏاهاڻي کي هاڻي ”موهن جو دڙو ايڪسپريس“ جو لقب ملي ويو آهي ۽ جيڪڏهن ان لقب کي انٽرنيشنل سطح تي قبوليو وڃي ته سنڌي قوم جو فخر يقيني طور تي ٻيڻو ٽيڻو ۽ چئوڻو ٿي ويندو.

¨ هاڻي ڊڄ آهي ته شاهنواز ڏاهاڻي سان به زاهد محمود واري ڪار نه ڪئي وڃي ۽ هڪ ميچ کيڏائي کيس وري ٻاهر نه ڪيو وڃي.

¨ پر شاهنواز ڏاهاڻيءَ مليل هڪ موقعي کي به تاريخي شڪل ڏئي ڇڏي آهي ۽ اهو معرڪو ڪنهن ريت به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اِها آهي ته شاهنواز ڏاهاڻيءَ پهرين اوور ۾ ئي ڪرڪيٽ جي دنيا جو سڀ کان تيز ترين بال اڇلائي ڏيکاريو آهي، ۽ ريڪارڊ ساز بالر پاڻ کي بڻائي ڇڏيو آهي. سو سنڌي ڪرڪيٽرن جي ٽيلنٽ کي پاڪستان جو ڪرڪيٽ بورڊ ڀلي قبول نه ڪري پر تاريخ کين سرخرو ڪري ڏيکاريو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.