تاريخ ،انصاف ۽ ڪٽهڙو

تحرير؛عاصمه شيرازي

ڪيترا مهينا ۽ سال گذري ويا آهن،پيارو وطن ست ڏهاڪا گذاري چڪو آهي يا ڏهاڪا گزري چڪا آهن،پٺيان مُڙي ڏسون ٿا ته اڄ به اهو ئي هنڌ آهي جتان سفر جي شروعات ڪئي هئيسين، منزل جو نشان اڄ به پري آهي،سفر جو خرچ پکو به موجود ناهي ۽ سفر جي خرچ جي شايد پرواهه به نه آهي. هاڻي وري سياسي مقدمن ۽ آڊيو وڊيو” ثبوتن“ جو چرچو آهي.

اڳوڻي چيف جسٽس سان منسوب آڊيو جنهن ۾ مريم نواز ۽ نواز شريف کي ڏنل سزائن جو مبينه ذڪر ٿي رهيو آهي، ”صوتي ثبوٽ“ سان مارڪيٽ ۾ اچي چڪي آهي. هاڻي ان جو نوازشريف جي مقدمن تي اثر پوي ٿو يا نه پر صاف نظر پيو اچي تي عدالت کان وڌيڪ مقدمو عوام جي راءِ جي لاءِ وڙهيو پيو وڃي.

ان آڊيو جي صحت کان اڳوڻو چيف جسٽس  انڪاري آهي۽ ڪيترا ئي سوال جواب طلب آهن. حقيقت ڇا آهي ان کان هٽي ڪري انهن جي هنن  مقدمن کي جنهن طرح سان شروع ڪيو ويو هو ۽ جنهن طرح سان انهن جو جواب ڏنو پيو وڃي بدقسمتي سان ٻنهي انصاف جي ڪٽهڙن ۾ رڳو سياست ئي سياست آهي.

پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪيترن ئي اڳواڻن کي سياسي مقدمن کي منهن ڏيڻو پيو،تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ ڪڏهن جسٽس قيوم جي ٽيپ  منظر عام تي آئي ۽ ڪڏهن سيف الرحمان احتساب جي نالي تي  بدلو چُڪائيندو رهيو. تاريخ جي عدالت ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جو مقدمو اڄ پڻ انصاف جو گهرجائو آهي.

تاريخ توڙي صحافت ۽ سياست جي شاگردن کي ذوالفقار  علي ڀُٽي جي ڪتاب ”جيڪڏهن مونکي قتل ڪيو ويو“  ضرور پڙهڻ گهرجي. ڪتاب ڇا آهي ڀُٽي صاحب  جو   ضيا دور ۾ مٿس لڳايل الزمن جو  جواب آهي. هن لکڻي ۾ ذوالفقار ڀُٽي سان ان جي لب ولهجي  تي اختلاف ٿي سگهي ٿو پر حقيقت کان انڪار نا ممڪن آهي.اڍائي سئو کان وڌيڪ صفحن تي لکيل تحرير  هن ملڪ جي نظام جو  نوحو آهي. ڪهڙي نموني سن 1977 جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ڪري ملڪ ۾ تحريڪ جي شروعات ڪئي وئي.ڪهڙي طرح ملان ملٽري اتحاد سويلين ۽ چونديل حڪومت جي خلاف اڳيان آيو، ڪهڙي طرح مذهبي ڪارڊ ۽ نظام مصطفيٰ جو نالو وٺي سياست ڪئي وئي.ڪهڙي طرح جيل ۾ قيد وزير اعظم تي الزام لڳائي هڪ طرفي مهم هلائي وئي.جنهن جو جواب ذوالفقار ڀُٽي هنن صفحن ۾ ڏنو، جنهن کي بعد ۾ ڪتاب جي صورت ڏني وئي.ان ڪتاب ۾ سول ملٽري لاڳاپن تي ، اندر جو سرطان جي عنوان سان لکيل باب انتهائي اهم آهن.

مارشل لائن ۽ آئين جي لتاڙ جي پس منظر ۾ مملڪت پاڪستان جي ٻه اڌ ٿيڻ ۽ اندرئين بحران بابت تفصيل موجود آهن، ذوالفقار علي ڀُٽي هن ڪتاب ۾ پرڏيهي لاڳاپن متعلق پڻ تفصيل سان لکيو آهي.

اهي چونڊون، ڌانڌلي، چونديل حڪومت خلاف محلاتي سازشون ، اها سول ملٽري لاڳاپن جي ڪهاڻي ، ايئن سمجهو ذوالفقار علي ڀٽو ”مون کي ڇو ڪڍيو ويو“ جو مقدمو هن اهم دستاويز جي ذريعي عوام جي  سامهون رکي ڇڏيو آهي، ڀٽي پنهنجي ڪردار ڪُشي ۽ پاڻ سان ٿيندڙ  عدالتي نا انصافي جو مقدمو تاريخ جي ڪٽهڙي ۾ پيش ڪيو، تاريخ جي هن اهم ترين مقدمي ۾ قلم شاهد آهي ۽ ماضي وٽ پڇتاءَ کان سواءِ ڪجهه نه آهي. ذوالفقار علي ڀٽي تي ڪو  بد عنواني جو الزام نه هو پر ضياالحق جي دور ۾ سندس ذات تي لڳل الزامن جو جواب جهڙي طرح ذوالفقار علي ڀٽي  ڏنو ان کي وساري نٿو سگهجي. پڙهندڙ  پاڻ دل تي هٿ رکي ان جي سچي هئڻ جو يقين ڪن ٿا ، نه ڪنهن عدالت جي ضرورت هوندي آهي نه ئي ڪو وڪيل کپي.

وقت بدلجي ويو پر نه حالتو ن بدليون ۽ نه ئي وري واقعا…ها فرد ضرور بدلجي ويا آهن، تاريخ جي غلط طرف بيٺل درست پاسي اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، خود طاقتور ايوانن جو حصو بڻجي چڪا آهن.محلاتي سازشون ڪندڙ خود سازشن جو شڪار ٿي رهيا آهن،مضبوط هٿ آئين کي اڄ به گرفت ۾ رکندا پيا اچن، تاريخ جي هن باب ۾ ذوالفقار علي ڀٽي سان ٿيل زيادتي ۽ ظلم جي شاهدي خود جج صاحبان ڏني آهي.

ها ! هاڻي وقت بدلجي ويو آهي.انصاف جي حصول لاءَ شايد آڊيو وڊيو جو سهارو وٺڻو پوي ٿو پر ياد رهي تاريخ  جو انصاف ڪڙو به آهي ۽ جٽادار به.(بي بي سي جي ٿورن سان)

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.