شاگردياڻي جي لاش واري معاملي جو عدالتي نوٽيس وٺڻ گهرجي

تحرير؛صاحب خان ڀٽي

سنڌ ۾ نياڻين کي پڙهائڻ واري شرح اڃا به گهٽ آهي، اڳ ته نياڻين کي والدين اسڪول به نه موڪليندا هئا پر هاڻي سنڌ جون نياڻيون  يونيورسٽين تائين پڙهن ٿيون، اها الڳ ڳالهه آهي جو سنڌ جي ماڻهن کي هڪ سازش تحت نوڪريون نه پيون ڏنيون وڃن ۽ سرڪاري نوڪرين تي ٻين صوبن جي ماڻهن کي نوازيو پيو وڃي، اهو سلسلو هن ملڪ ۾ شامل ٿيڻ کان هيل  تائين جاري آهي،  هونئن ته سڄي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي، بک ۽ بدحالي جي ڪري  سنڌ جا ماڻهو آپگهات  ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن پر حڪمرانن جي ڪن تي جونءَ به نه ٿي چري، ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر آپگهات جو لاڙو به وڌندو پيو وڃي، پر حڪمرانن ان جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي به زحمت نه ڪئي آهي. افسوس سان چوڻو پئجي رهيو آهي ته پوليس به هر لاش کي ٽنگيل ڏسي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيندي آهي يا وري ڪڏهن ڪڏهن اهڙا واقعا پيش ايندا آهن، جن کي آپگهات جو رنگ ڏنو ويندو آهي.

ڪجهه عرصو اڳ هڪ شهر مان خبر آئي ته ناري پاڻ کي پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، پوليس به وارثن جو بيان وٺي ڪيس کي بند ڪري ڇڏيو، ان کان علاوه  2019ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ نمرتا نالي ميڊيڪل جي شاگردياڻي مبينا طور آپگهات ڪيو، جنهن جي جاچ الائي ڪاٿي پهتي، ڪا خبر ناهي، پوليس به معمول موجب ڪارروائي ڪندي رهي پر سوشل ميڊيا تي ٻڙڌڪ متل رهيو، ان وقت پوليس به مامري جي جاچ ڪرڻ بدران سوشل ميڊيا جي  تجزيا نگارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رهي.

بهرحال  نمرتا جو ڪيس فائلن ۾ دٻجي ويو، وارث به نياڻي جي وڇوڙي تي لڙڪ لاڙي خاموش ٿي ويهي رهيا پر وري هڪ ڀيرو ٻيهر انهيءَ  ساڳي شهر لاڙڪاڻي جي هاسٽل مان هڪ ٻي شاگردياڻي جو لاش هٿ آيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته گرلز هاسٽل جي ڪمري مان دادو جي شاگردياڻي نوشين ڌيءَ هدايت الله شاهه جو مبينا طور پکي ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيو، جيڪا ميڊيڪل جي فورٿ ايئر جي شاگردياڻي هئي، هي اها ئي هاسٽل هئي، جنهن مان  اڳ به هڪ  سنڌي شاگردياڻي جو لاش هٿ آيو هو، ان وقت به سوشل ميڊيا تي  گرما گرمي هئي ۽ هاڻ به آهي، چون ٿا ته سچ ڪڏهن به ناهي لڪندو، پوليس ٽن ڪلاڪن تائين صحافين کي هاسٽل کان پري رکيو ۽ ڪوريج کان به روڪيو، جڏهن وڊيو ۽ تصويرون جاري ڪيون ويون ته سمجهه ۾ ئي نه پيو اچي ته آپگهات آهي يا قتل؟ تصويرن ۽ وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پکو تمام گهڻو مٿي آهي، نياڻي جا پير به ٽيبل تي آهن، جيڪو خط ميڊيا تي نشر ڪيو پيو وڃي، ان ۾ هڪ ميڊيڪل جي شاگردياڻي پاران جيڪو لکيو ويو آهي اهو  به سمجهه کان ٻاهر آهي، شاگردياڻي جيڪڏهن آپگهات کان پهرين خط لکيو ته اهو  انگريزي ٻولي  ۾ به لکي پئي سگهي پر هن اردو ۾ انگريزي اکرن ۾ لکيو، اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي، ايتري قدر جو وري ان خط تي هن پنهنجو نالو به لکيو.  اهو به ٻڌايو ويو آهي ته سندس روم پاٽنر ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ٻاهر  ويل هئي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته پوليس  ماضي جيان جاچ ڪري ٿي يا وري اصل حقيقتون عوام سامهون آڻيندي؟ ناريءَ جي پيءَ سيد هدايت الله شاهه چيو ته نياڻي خوش هئي، آپگهات نٿي ڪري سگهي. والدين جي بيان موجب نياڻي خوش هئي ته پوءِ هڪ ميڊيڪل جي شاگردياڻي ڪيئن آپگهات ڪري سگهي ٿي؟ آخر لاڙڪاڻي ۾ پڙهندڙ شاگردياڻيون آپگهات ڇو ٿيون ڪن؟ ان جا سبب معلوم ڪرڻ پوليس جو ڪم آهي، جيڪڏهن اهو آپگهات آهي ته اهڙو انتهائي قدم کڻڻ تي شاگردياڻي کي مجبور ڪندڙ ڪيرهو ؟

نوشين جي روم پاٽنر کان به پڇا ڳاڇا ڪرڻ گهرجي ۽ خاص طور تي هاسٽل انتظاميا جا موبائيل فون چيڪ ڪرڻ گهرجن ۽ انهن جي موبائل جي فرانزڪ به ڪرائڻ گهرجي ته جيئن  خبر پوي ته لاڙڪاڻي جي هاسٽلز ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ جيڪڏهن اڄ به ان مامري جي جاچ نه ٿي  ته وري ڪنهن ٻي هاسٽل مان ڪنهن شاگردياڻي جو لاش ملي سگهي ٿو، حڪومت  ۽ پوليس کي ته نمرتا واري واقعي تي ئي سنجيده ٿيڻ گهرجي ها پر افسوس ان وقت  لاپرواهي ڪئي وئي، ساڳي شهر جي هاسٽل مان هڪ ٻي شاگردياڻي جو لاش مليو. سپريم ڪورٽ  ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي به شاگردياڻي جي لاش هٿ اچڻ واري مامري جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته جيئن  پوليس سنجيدگي جو مظاهرو ڪري، ماضي جيان آپگهات قرار ڏئي مامري کي لئه مٽي نه ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.