جوابدارن کي پروٽوڪول،ڪانهاجا وارث مايوس، هندستان لڏڻ جو اعلان

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)هڪ هفتو اڳ ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد دونهون ۾ وحشي درندن هٿان جنسي ڏاڍائي بعد قتل ٿي ويل ڪانها ڪمار جا قاتل ٻٻرلوءِ ٿاڻي ۾ مهمانن وانگر کٽ تي ويٺل هجڻ واري عمل خلاف هندو برادري جو هڪ ڪٺ دونهون ۾ ٿيو جتي هندو برادري هي مکي گرمکداس ۽ مکي سورج مل چيو ته افسوس جي ڳالھ آهي جو قاتل مهمانن وانگر ٿاڻي ۾ ويٺا آهن هنن کان پڇا ڳاڇا نه پئي ڪئي وڃي  جوابدار ڌر ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن هينئر ڊرامو رچائي انعام شاھ جي پيءُ سچل شاھ پٽ کي لادوا ڪيو آهي.هوڏانهن ڪانها ڪمار جي پيءُ پريتم ڪمار صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته جتي ٻچڙا محفوظ ناهن ان ملڪ ۾ رهڻ بيڪار آهي مان جلد پنهنجا ٻار ٻچا وٺي هندستان ڏانهن ويندس جتي وڃي پنهنجا ٻارٻچا محفوظ ڪندس هن ڏکايل دل مان ڏوراپو ڏيندي چيو ته پني کائيندس پر ٻچا نه مارائيندس ۽ هتان هليو ويندس اهڙن لفظن تي هندو برادري جا ماڻهو توڙي سندس پاڙيسري مسلمان اکين مان لڙڪ هاريندي کيس آٿت ڏيندا رهيا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.