مريم نواز جي انڪشافن جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ن ليگ جي اڳواڻ مريم نواز جي ميڊيا سيل هلائڻ جي حوالي سان انڪشافن ۽ ميڊيا سيل جي ذريعي قومي خزاني مان وڏي رقم خرچ ڪرڻ، من پسند صحافين ۽ مختلف ميڊيا گروپس کي نوازڻ بابت معاملن جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب تحقيقاتي ڪميٽي ن ليگ جي حڪومتي دور ۾ ميڊيا کي جاري ڪيل اشتهارن ۾ بي ضابطگين ۽ ميڊيا سيل جي ذريعي من پسند صحافين ۽ مختلف ميڊيا گروپس کي نوازڻ بابت پنهنجي رپورٽ جوڙيندي. مريم نواز جي سرپرستي ۾ قائم ميڊيا سيل جي ذريعي قومي خزاني مان وفاقي حڪومت جا 9 ارب 62 ڪروڙ 54 لک 3 هزار 902 روپيا خرچ ڪيا ويا، هوڏانهن  وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان جي صحافت تي بنيادي طور تي ميڊيا جي سيٺن جو ڪنٽرول آهي، وڏن گروپن ڪالهه اشتهارن جي ڊيٽا ڇاپڻ جي جرئت نه ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.