حڪومت جاچ ڪرائڻ بدران جسٽس ثاقب جي وڪيل بڻيل آهي: تجزئي نگار

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) جسٽس ثاقب نثار جي وڊيو جو معاملو انتهائي سنجيده آهي، جنهن جي اڻ ڌري جاچ ٿيڻ گهرجي ڇو ته ان وڊيو سان پوري عدليا جو وقار  مجروح ٿيو آهي، اهڙن ججن تي ٻڌل ڪميشن جڙڻ گهرجي جيڪي نواز شريف ڪيس ۾ شامل نه رهيا هجن، نامياري صحافي سليم صافي پنهنجي  وي لاگ ۾ چيو آهي ته اڳ جڏهن پي ٽي آءِ  وزير اجمل وزير جي وڊيو آئي هئي ته حڪومت ڪميٽي جوڙي اجمل کان وزارت کسي ورتي هئي جڏهن ته جاچ ڪميٽي اجمل وزير کي بيگناهه قرار ڏنو هو  پر پوءِ نه کيس وزارت ملي نه ئي حڪومتي ٽيم جو واعدي  موجب حصو بڻجي سگهيو پر ثاقب نثار جي وڊيو تي عمران خان، وزير ۽ مشير ان جا وڪيل بڻيا بيٺا آهن، هوڏانهن جسٽس شوڪت صديقي جو معاملو به اٽڪيو پيو آهي جنهن هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت کي درخواست ڏني آهي. هوڏانهن  ن ليگ اڳواڻ صفدر جو چوڻ آهي ته  اڃان به وٽن ڪافي مواد آهي، ان ڪري معاملو سنگين ٿي ويندو. ان ڪري حڪومت وڪالت ڪرڻ بدران اڻ ڌرين ججن تي ٻڌل ڪميشن جوڙي جيڪا جسٽس ثاقب نثار ۽ جسٽس شوڪت صديقي ۽ راڻا شميم جي معاملن جو جائزو وٺي ڏوهي ثابت ٿين ٿا يا بي گناهه ثابت ٿين ٿا، ان سان عدليا تي جيڪي شڪ شبها پيدا ٿيا آهن اهي ختم ٿي ويندا ۽ عدليا جو وقار بحال ٿي ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.