ڪي اليڪٽرڪ عوام کي پريشان ۽ بليڪ ميل ڪندي آهي، رڳو پئسا پئي ڪمائي: چيف جسٽس

ڪراچي (رپورٽر)سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس قاضي محمد امين تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ پي اي سي ايچ ايس ۾ گرين بيلٽ تي ڪي اليڪٽرڪ جي گرڊ اسٽيشن جي اڏاوت واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، چيف جسٽس چيو ته ڪي اليڪٽرڪ گرڊ اسٽيشن گرين بيلٽ تي ٺاهيو آهي، جسٽس اعجاز الاحسن پي ايس سي ايڇ ايس جي وڪيل کان پچاڻو ڪيو، جنهن تي وڪيل چيو ته اسان قومي مفاد تي ڪي اليڪٽرڪ کي نارمل ريٽس تي جگهه ڏني، چيف جسٽس چيو آهي ته ڪهڙي قومي مفاد ۾ ڪي اليڪٽرڪ واپار ڪندو آهي عوام جي خدمت نه ڪري رهيو آهي، ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو اوهان کي خبر آهي محمود آباد ۽ پي اي سي ايس ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، چيف جسٽس چيو ته اسان کي خبر آهي پر اسان گرين بيلٽ تي گرڊ اسٽيشن ٺاهڻ جي اجازت نه ڏينداسين، چيف جسٽس چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ۾ پرائيويٽ ماڻهو آهن خبر نه آهي ته ڪهڙي جڳهه تان آيا آهن، چيف جسٽس پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪجهه به ڪري ڇڏيو، لوڊشيڊنگ بند نه ٿيندي عوام کي صرف 2،2 يا وري 3،3ڪلاڪ بجلي ملندي آهي، جسٽس اعجازالاحسن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي گرد اسٽيشن ٺاهڻ جي لاءِ ڪيترو وقت گهربل آهي، چيف جسٽس چيو ته نيشنل گرڊ سان اوهان جو معاهدو ته ختم ٿي ويو آهي، گئس جا اوهان پئسا نه ڏيندا آهيون، ڪي اليڪٽرڪ عوام کي پريشان ۽ بليڪ ميل ڪندي آهي، هي خانگي ادارو آهي، چيف جسٽس چيو ته ڪي اليڪٽرڪ شهر ۾ ٽامي جون تارون ٺاهي هڪ ڏينهن ۾ بلين ڊالرز ڪمائيندي آهي، ڪراچي ۾ ايلومنينم جون تاريون لڳايون وينديون آهن جيڪي لوڊ برداشت نه ڪنديون آهن، سپريم ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل کي گرين بيليٽ تي ٺاهيل گرڊ اسٽيشن هٽائڻ جي معاملي تي هدايت وٺڻ جي اڄ تائين ملهت ڏئي ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.