يونيورسٽين ۾ به اسان جون نياڻيون محفوظ ناهن: معظم عباسي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي اڳواڻ ۽ لاڙڪاڻي مان چونڊيل جي ڊي اي جي ايم پي اي معظم علي خان عباسي لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ لاڙڪاڻو شهري اتحاد ۽ مشاورتي ڪائونسل جي ميزباني هيٺ ڪوٺايل ثقافتي مچ ڪچهري ۾ شرڪت ڪئي ميڊيا سان ڳالهائيندي معظم علي عباسي چيو ته سنڌ جي هر اداري جيان شهيد راڻي جي نالي سان ٺهيل شهيد محترمه بينظير ڀٽو يونيورسٽيءَ ۾ به هاڻي اسان جون نياڻيون به محفوظ ناهن ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ سهولتن جي کوٽ باوجود شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن پر سنڌ جا معمار تعليمي ادارن ۾ به غير محفوظ آهن. هن چيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پيش آيل نوشين شاهه واري واقعي تي انتهائي ڏک پهتو آهي جنهن واقعي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.