نمرتا جيان نوشين جو خون به لوڙهيو ويندو: غلام قمبر حاجاڻو

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)ع ج پ مرڪزي اڳواڻ غلام قمبر حاجاڻو چيو آهي ته سنڌ جا تعليمي ادارا مقتل گاهه بڻجي ويا آهن چانڊڪا ڪاليج ۾ نمرتا ڪماري کانپوءِ دادو واسڻ نياڻي نوشين ڪاظمي جو پکي ۾ ٽنگيل لاش مليو آهي جيڪو سراسر قتل آهي جنهن جي ذميوار ڪاليج جي انتظاميه آهي نمرتا ڪماري جيان نوشين جو خون به لوڙهيو ويندو، هوڏانهن جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ چوٿين سال جي شاگردياڻي نوشين شاه جي موت تي انتهائي افسوس ۽ ڏک جو اظهار ڪندي واقعي کي وڏو الميو ۽ سنڌ حڪومت لاءِ فڪر جوڳو قرار ڏيندي  چيو آهي ته سنڌ جا تعليمي ادارا معصوم شاگردياڻين لاءِ مقتل گاهه بڻجي چڪا آهن، هڪ طرف ڀوتارڪي ۽ سرداري نظام نياڻين لاءِ ڌرتي کي جهنم بڻائي ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف اعلى تعليمي ادارن ۾ پڻ معصوم نياڻين جا هر روز لاش ملي رهيا آهن، ٻئي پاسي جمعيت علماءُ طلباءِ اسلام ٿر ڊاڪٽر نوشين جي مبينا قتل جي جانچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو،اُنهي سلسلي ۾ جمعيت طلباءِ اسلام ٿرپارڪر جي صدر محمد علي درس جنرل سيڪريٽري دلدار علي ساند پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر نوشين جي  مبينا قتل جي جي آءِ ٽي جوڙي صاف شفاف جانچ ڪرائي وڃي،هن چيو ته  واقعي جي اعلى عدالتي ڪميشن جوڙي صاف شفاف جانچ ڪرائي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.