نوشين واقعو آپگهات قرار، پوسٽ مارٽم رپورٽ رد، قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي: والد

لاڙڪاڻو/دادو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو+عزيز ملڪ) لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٻه ڏينهن اڳ سنڌ جي ناليواري شاعر استاد بخاري جي ڏوهٽي ۽ فورٿ ايئر جي دادو واسڻ شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جو هاسٽل جي روم مان لٽڪيل لاش هٿ اچڻ واري واقعي جو سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيلا عطا الرحمان سان فون تي رابطو ڪري واقعي بابت تفصيل ورتا ۽ وي سي کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي جنهن تي وي سي کيس تفصيلي بريفنگ ڏيندي اهڙي شروعاتي رپورٽ وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. هوڏانهن آءِ جي سنڌ مشتاق مهر پڻ ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ جي سربراهيءَ ۾ جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي جنهن ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سُمير چنا شامل آهن. اهڙي جاچ ٽيم جوڙڻ بعد ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ ڪالهه صبح جو شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي پهتو جتي هن ايس ايس پي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ يونيورسٽي جي انتظاميه سان گڏجي ڊاڪٽر نوشين جي روم جو معائنو ڪري واقعي بابت تفصيلي بريفنگ ورتي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ چيو ته جيڪي شاگردن عمر جي لحاظ کان جوانيءَ طرفان وڌن ٿا انهن ۾ ڪافي نفسياتي، پڙهائي ۽ خاندان وارن جا دٻاءُ وار عنصر هوندا آهن، ماڻهو جيسيتائين پاڻ کي بئلينس نه ٿو رکي ته ان دوران اهڙي قسم جا واقعا ٿي ٿا وڃن ۽ اهي ماڻهو اهڙا سخت قدم کڻندا آهن اهو قتل جو واقعو هجي يا خودڪشي جو واقعو انهن ۾ ٻئي پاسا ٿي سگهن ٿا ان کان علاوه گهريلو، ذهني ۽ گهر جا ٻيا بار گهڻو ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته سيپٽمبر 2019ع دوران ساڳي ئي ڪاليج ۾ نمرتا وارو واقعو ٿيو ۽ هي به واقعو آهي، نمرتا واري ڪيس ۾ ڪافي شيون واضع ٿيون ته نمرتا وارو واقعو ڇو ۽ ڇا جي ڪري پيش آيو هو؟ ۽ هن ساڳي طرح نوشين واري ڪيس ۾ ڪافي شاهديون ۽ ڪڙيون مليون آهن ته هن واقعي جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟ جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ميڊيا کي سمورن حقيقتن بابت آگاهه ڪيو ويندو،هوڏانهن ڊاڪٽر نوشين جو تڏو درگاهه سيد جهنگل شاهه جي احاطي ۾ وڇايو ويو آهي ، ڊاڪٽر نوشين شاهه ڪاظمي جي جنازي نماز ۽ تدفين دادو شهر جي پير محمد مراد قبرستان ۾ ادا ڪئي وئي، جڏهن ته دادو جي چونڊيل نمائندن ۽ ضلع دادو جي انتظاميه مان ڪو به عملدار جنازي نماز ۾ شريڪ نه ٿيو. جڏهن ته ڊاڪٽر نوشين شاهه ڪاظمي جي والد سوشل ويلفيئر کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سيد ھدايت علي شاهه  نينگري جي موت بابت چيو ته منھنجي ڌيءَ 18,18 ڪلاڪ پڙھندي ھئي ۽ گڏوگڏ نماز به پابندي سان پڙھندي ھئي،ھن چيو منھنجي ننڍڙي جي ڪلاس ميٽ ڇوڪري جيڪا ھن جي روم مان 5 بجي نڪري وئي ھئي ان کي ۽ ان سان گڏ سڪيورٽي وارن کي به جانچ ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ ان واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي،ھن چيو ته نماز تي يقين ڪرڻ واري منهنجي نياڻي ڪڏهن به خودڪشي نه ٿي ڪري سگهي منهنجي نياڻي کي قتل ڪيو ويو آھي ان جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ان واقعي کان پوءِ سنڌ جي نياڻين جو تعليمي ادارن تان اعتماد کڄي ويو آهي باقي ميڊيڪل رپورٽون اچڻ کان اڳ ڪو به حتمي فيصلو نه ٿا ڪري سگھون، هوڏانهن  اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪاميٽي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو طرفان چانڊڪا ڪاليج جي مک گيٽ کان شاگرد اڳواڻن عمران علي مري، عمران ٻرڙو، اويس ڏاهاڻي، سراج جوڻيجو، آفتاب چانڊيو، خان غفار خان، غلام شبير جتوئي، وڪيل سلميٰ ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب اڳيان پهتي جنهن ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن، سياسي، سماجي توڙي سول سوسائٽي جي اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جتي هنن “قاتل قاتل وي سي قاتل”، “وي سي هٽايو، تعليم بچايو” جا اڀ ڏاريندڙ زوردار نعرا پڻ هنيا. ان موقعي تي شاگردن چيو ته يونيورسٽي ۽ چانڊڪا جي انتظاميه نوشين ڪاظمي جي لاش ملڻ واري واقعي کان پوءِ بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي جنهن گذريل رات چار وڳي هاسٽلون ۽ چانڊڪا ڪاليج کي بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري شاگردن کي گهر وڃن جو چيو ويو آهي، سمورن هاسٽلن جي بجلي ۽ پاڻي بند ڪيو ويو آهي پر اسان هاڻي خاموش نه ويهنداسين ۽ پنهنجي گهرن ڏانهن نه وينداسين، يونيورسٽي جي وي سي، سي ايم سي جي پرنسپال، هاسٽل پرووسٽ سميت ٻين لاڳاپيل کي فوري طور عهدن تان هٽائي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي هوڏانهن قومپرست پارٽين جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان طارق ڪورائي، نويد سانگي، راحب سومرو، قاسم شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جڏهن ته سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان الهه ورايو عمراڻي، احمد نواز بروهي، صادق لاشاري، شاهد ڪلهوڙو، نصير ڪلهوڙو، نظير سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن هٿن ۾ تنظيمي جهنڊا، بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي “قاتل قاتل وي سي قاتل” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا پڻ هنيا. ٻئي پاسي پيغام قرآن جي تنظيم جي ڪارڪن پاران واقعي خلاف محمد سليمان کوکر، غلام عباس ڏاهاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٻه ڏينهن اڳ سنڌ جي ناليواري شاعر استاد بخاري جي ڏوهٽي ۽ فورٿ ايئر جي دادو واسڻ شاگردياڻي ڊاڪٽر نوشين ڪاظمي جو هاسٽل جي روم مان لٽڪيل لاش هٿ اچڻ واري واقعي جي شروعاتي پوسٽ مارٽم جاري ڪندي واقعي کي خودڪشي قرار ڏنو ويو آهي. چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي وومين ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر رخسار سمون جي صحيح سان جاري ڪيل پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نوشين ڪاظمي جو موت ڦاهي جي ڪري ٿيو آهي، نوشين ڪاظمي جي ڳچيءَ تي 26 سينٽي مينٽر ڊگهو ۽ هڪ سينٽي ميٽر ويڪرو نشان ۽ ٻنهي ڦڦڙن ۾ رت جا نشان به ظاهر ٿيا آهن. پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ نوشين ڪاظمي جي جسم تي ڪنهن به تشدد جي نشانن جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو آهي.  رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته نوشين ڪاظمي جي گردن تي ٿائيراڊ کان مٿي نشان ظاهر ٿيا آهن، نوشين ڪاظمي جي جسم مان ورتل جزا ڪيميڪل ايگزيمينيشن جي لاءِ موڪليا ويا آهن جنهن جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ ليباريٽرين جي رپورٽ اچڻ بعد جاري ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.