نوشين واقعي جي عدالتي جاچ ٿيڻ گهرجي: صنعان قريشي

ڪراچي (پ ر) جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو آهي ته سنڌ جي تعليمي ادارن کي مقتل گاھ بڻايو ويو آهي، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾سنڌ جي نياڻي نوشين ڪاظمي جو پکي ۾ ٽنگل لاش ملڻ ڳڻتي جهڙي صورتحال آهي، سنڌ جون نياڻيون تعليمي ادارن ۾ به محفوظ ناهن،نياڻي نوشين جي والد جي موقف جي اهميت آهي  ته سندس نياڻي خودڪشي نٿي ڪري سگهي،هن  چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ هي ڇا ٿي رهيو آهي! سنڌ جي نياڻي نوشين جي واقعي جي عدالتي انڪوائري ٿيڻ گهرجي، نوشين ڪاظمي جي واقعي جي مذمت ٿا ڪيون، جنهن تي خاموش نٿو رهي سگهجي! جڏهن ته ٻي طرف بحريا ٽائون ڪيس ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي،جسقم مرڪزي اڳواڻ ديدار شام، اشرف ڪلھوڙو ،آصف مگسي، ڊاڪٽر رياض ميراڻي، الاهي بخش بيڪڪ، عزيز شيخ سميت 150 کان مٿي بحريا ٽائون ڪيس جا اسير ڪراچي سينٽرل جيل ان سائيڊ اي ٽي سي 15 ڪورٽ ۾ پيش ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.