ويڊيو ليڪ ٿيڻ کان ناهيان ڊڄندي: حريم شاهه

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مشهور ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه چيو آهي تھ مون کي ويڊيو ليڪ ٿيڻ جو ڪو خوف ناهي.

هڪ انٽرويو ۾ حريم شاهه چيو تھ ذاتي زندگي ۾ ڪنهن کان بھ نٿي ڊڄان، تنهن ڪري ڪنهن جو حڪم منهنجي مٿان ناهي هلندو، مون کي ويڊيو ليڪ ٿيڻ جو ڪو خوف ناهي هوندو، ڇو ته مان اهڙو ڪو ڪم ئي ناهي ڪيو جو ڊڄان.

هن چيو تھ منهنجو سياست ۾ اچڻ جو ڪو ارادو ناهي، جيڪڏهن موقعو مليو تھ مستقبل ۾ پ پ ۾ شامل ٿي سگهان ٿي ۽ ان جو سبب بلاول هوندو.

سندس چوڻ هو ته ماڻهن کان نه رب جي ذات کان ڊڄو، ڪوڙي عزت جو لباس نه پايو، جيڪڏهن منهنجي ڪا ويڊيو ليڪ ٿئي ٿي ته ڊڄڻ بدران چونديس اجواءِ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.