سپريم ڪورٽ جو سڄي سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سرڪاري زمينن جي رڪارڊ جي ڪمپيوٽرائيزيشن بابت ڪيس ۾ سڄي سنڌ ۾ سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ بورڊ آف روينيو جا سينيئر ميمبر عدالت ۾ پيش ٿيا.

عدالت سينيئر بورڊ آف روينيو پاران جمع ڪرايل رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته توهان اسان کي ڪهاڻيون ٻڌائي رهيا آهيو، سنڌ جي اڌ کان وڌيڪ زمينن تي قبضا آهن، توهان ڪنڊن جون تصويرون کڻي هليا آيا آهيو، اهي لولي پاپ توهان جا آفيسر توهان کي ڏيندا هوندا، اسان کي نه ڏيو.

چيف جسٽس چيو ته عدالت سرڪاري زمينن، پارڪن ۽ فلاحي پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي رهي آهي، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو عدالتي حڪمن تي سختيءَ سان عمل ڪرائن، سرڪاري زمينن تي قبضا ختم ڪرائي هڪ مهيني ۾ رپورٽ ڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.