نوشين ڪاظمي واقعي تي آءِ جي سنڌ جو نوٽيس، جاچ ٽيم قائم

 

لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ مشتاق مهر شاگردياڻي نوشين ڪاظمي واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي جي سربراهي ۾ جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي.

ڊي جي آءِ لاڙڪاڻي مظهر نواز شيخ جي سربراهي ۾ جوڙيل جاچ ٽيم ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ شامل آهن.

مظهر نواز شيخ ٽيم ۽ يونيورسٽي انتظاميا سان گڏجي ڊاڪٽر نوشين جي ڪمري جو معائنو ڪري واقعي بابت تفصيلي بريفنگ ورتي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ چيو ته حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ ملڻ تائين ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو پر هن وقت تائين جاچ صحيح رخ ۾ هلي رهي آهي.

هن چيو ته واقعي بابت شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ ٽي ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن ۽ اسان سڀني جو گڏيل سهڪار به آهي جاچ بابت ميڊيا کي به آگاهه ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.