بصرن جون کَلون ضايع ڪرڻ بدران انهن مان وڏا فائدا حاصل ڪري سگهو ٿا

 

روز جي بنياد تي کاڌن ۾ استعمال ٿيندڙ بصر جا هونئن ته گهڻا ئي فائدا آهن پر توهان کي خبر نه هوندي ته بصرن جي کَل ڪيتري فائديمند آهي؟

ماهرن موجب بصرن جي کلن ۾ قدرتي طور وٽامن اي، سي ۽ اي وڏي مقدار ۾ موجود هوندي آهي، جيڪي فائبر، فلينائڊس ۽ اينٽي آڪسيڊيس پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

رڳو اهو ئي نه پر بصر جي کل شگر، ٿولهه، ڪينسر ۽ پيٽ جي مختلف مرضن کان به محفوظ رکي ٿي.

طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته بصر جي کل جي چانهه پيئڻ سان پرسڪون ننڊ ايندي آهي ۽ بيچيني ختم ٿي ويندي آهي، ائين ئي اينٽي آڪسيڊنٽ جلد جا مرض ختم ڪرڻ ۾ به مدد فراهم ڪري ٿو.

بصر جي کلن ۾ موجود ڪيورسٽين ڪيميڪل بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽرول کي ڪنٽرول رکڻ ۾ به مدد فراهم ڪري ٿو.

بصرن جي کلن جو پاڻي وارن کي نرم به ڪري ٿو، ان پاڻي سان مٿو ڌوئڻ وارن کي طاقتور بڻائي ٿو، جڏهن ته کلن کي اٻاري ان پاڻي ۾ هڪ چمچو ماکي وجهي روز صبح جو هڪ چمچو پيئڻ سان جسم توانو رهندو ۽ ٿڪاوٽ جو احساس نه ٿيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.